سکر شهر جي ايوب گيٽ لڳ ريلوي اسپتال واري علائقي جي رهواسي پوليس ملازم سيد مزمل علي شاه جي جڳه برساتين سبب ڊهي پٽ پئجي وئي، جنهن سبب متاثر سيد مزمل علي شاه گھر ڀاتين سميت کليل آسمان هيٺ ويهي زندگي گزارڻ تي مجبور آهي، ان سلسلي ۾ متاثر سيد مزمل علي شاه پاڪ سوچ ميڊيا گروپ سان ڳالهائيندي چيو ته گھر ڊهي پٽ پئجي وڃڻ کان پوءِ زندگي گزارڻ تمام مشڪل ٿي وئي آهي، هن چيو ته ڪريل جڳه جا دروازه به چور چوري ڪري ويا آهن، جڳه ڪرڻ کي ٽي ڏينهن گزري ويا آهن ان باوجود ڪو به سرڪاري يا سياسي اڳواڻ سار لهڻ لاءِ نه آيو آهي، هن چيو ته گھر ۾ 9 ڀاتي آهن ۽ ڪمائڻ وارو مان اڪيلو آهيان ۽ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، هن لاڳاپيل اعلٰي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي منهنجي مالي سهائتا ڪري انصاف ڪيو وڃي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
1
+1
+1