سکر (بيورو رپورٽ) ڪجھ ڏينهن پهريان پيل برساتين کان پوءِ پيدا ٿيل سيلابي صورتحال ۾ متاثر ٿي پنهنجي گھرن کان بي گھر ٿيل هزارين ڳوٺاڻا ڪجھ روڊ رستن تي ته وري ڪجھ تعليمي ادارن ۾ پناه حاصل ڪري زندگي جو هي ڏکيو وقت گزاري رهيا آهن، ان سلسلي ۾ اڄ پاڪ سوچ ميڊيا گروپ جي ٽيم طرفان ڪجھ ٻوڏ متاثرن سان ڳاله ٻوله ڪئي وئي، سکر جي علائقي قريشي ڳوٺ واري بند تي ويٺل متاثرن داهيندي چيو ته اسان کي سرڪار پاران کاڌ خورڪ جو سامان نه پيو ملي، نه ئي حڪومت پاران اسان کي ٽينٽ ڏنا ويا آهن، ۽ جيڪي مليا آهن اهي لالا اسد پٺاڻ ڏنا آهن، ٻئي پاسي سکر جي اسلاميه ڪاليج ۾ ترسيل متاثرن سان پڻ ڳاله ٻوله ڪئي وئي جن داهيندي چيو ته اسان کي ماني ٽائيم تي نه پئي ملي پيئڻ جو پاڻي به نه آهي ۽ نه انتظاميه ۽ نه ئي ڪو حڪومت جو نمائندو سار سنڀال لهڻ اچي پيو، هنن چيو ته اسان جي ٻارن ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن جن جي علاج لاءِ دوائون به ميسر نه آهن، هنن جو چوڻ هو ته وزير اعظم پاڪستان پاران اعلانيل 25000 اسان کي نه مي سگھيا آهن، اسان چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي ويا آهيون پر اهو چئي موٽايو پيو وڃي ته اوهان جا پئسا نه آيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي سار لهي کاڌ خوراڪ بهتر نموني فراهم ڪري جلد از جلد اسان جي آبائي علائقن کي نئين سر تعمير ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.اصل ڪري پهنجي