ڪراچي 27 آگسٽ 2022 : ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ قانون بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئرسٽر مرتضيٰ وهاب هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي چڙيا گهر ۾ برسات جي موسم ۾ جانورن جي سار سنڀال لاءِ غير معمولي قدم کنيا وڃن، صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي ته جيئن انهن جي صحت متاثر نه ٿئي. هن چيو ته جيڪي جانور هن وقت ڪراچي چڙيا گهر ۾ موجود آهن انهن مان اڪثر جانور پنهنجي طبعي عمر مڪمل ڪري رهيا آهن ان ڪري جانورن جي خريداري جي منصوبه بندي ڪئي وڃي ۽ ٻين چڙيا گهرن مان جانورن جي ايڪسچينج پروگرام عملدرآمد ڪيو وڃي. اهڙي هدايت هن چڙيا گهر جي تفصيلي دوري تي ڏني. ميونسپل ڪمشنر افضل زيدي، سينيئر ڊائريڪٽر ريڪريشن رضا عباس رضوي، ڊائريڪٽر چڙيا گهر راشد علي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي چڙيا گهر ۾ گذريل ڏينهن هاٿين جي ڏندن جي پرڏيهي ڊاڪٽرن ڪامياب سرجري ڪئي ۽ تجربو ڪامياب رهيو، جيڪڏهن ضرورت پئي ته ٻين جانورن جي لاءِ پرڏيهي ڊاڪٽرن وٽرنري ڊاڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. هن چيو ته چڙيا گهر تفريح ۽ معلومات جو وڏو ذريعو هوندو آهي ۽ ٻارن ، نوجوانن ۽ شاگردن کي جنگلي جيوت کي انتهائي ويجهو ڏسڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿئي ٿو. هن چيو ته جهڙي طرح شهري پنهنجي خاندان سان گڏجي ڪراچي چڙيا گهر ايندا آهن جيڪا تعريف جي قابل آهي. هن سينيئر ڊائريڪٽر ريڪريشن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي چڙيا گهر جي اپگريڊيشن جي لاءِ فوري طور تي تجويزون پيش ڪري ته جيئن ڪراچي چڙيا گهر کي بهتر کان بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته هي ڳالهه نهايت تعريف لائق آهي ته هي چڙيا گهر 150 سال مڪمل ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام تحت ڪراچي چڙيا گهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ اهو سلسلو اڃا به جاري آهي. هن چيو ته هتي ايندڙ شهرين کي کائڻ پيئڻ جون وڌيڪ بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن ۽ جيڪي کاڌ خوراڪ جون شيون هتي وڪرو ڪيون وڃن انهن جي معيار جو خاص خيال رکيو وڃي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته جانورن جي خوراڪ ۽ انهن جي صحت متعلق روزاني جي بنياد تي رپورٽ ٺاهي وڃي. هن ڪراچي چڙيا گهر جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ جانورن ۽ پکين جي صحت ۽ سهولتن متعلق تفصيلي معلومات حاصل ڪئي.