ڪراچي (نمائندن وٽان (ميهڙ شهر کي بچائڻ لاءِ 7 ڪلوميٽرز تائين رنگ بند ڏيڻ جو فيصلو، ڌامراهه واهه کي ڳاڙهي ڳوٺ وٽان ڪٽ ڏيڻ بعد ميهڙ شهر کي بچائڻ وارِي آخري ڊفينس لائين سپريو بند تي دٻاءُ وڌي ويو
ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته انڊس هاءِ وي کان راج واهه موري تائين شهر کي رنگ بند ڏنو ويندو، منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح 20 فٽ 8 انچ ٿي وئي
منڇر ڍنڍ ۾ چاڙهه سبب بندن تي دٻاءُ وڌي ويو ڀرپاسي وارين آبادي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، بوبڪ، جعفر آباد ۽ يوسي واهڙ مان ماڻهو گهر خالي ڪري لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آھن
2010ع وارِي مها ٻوڏ ۾ خيرپور ناٿن شاهه شهر کي ٻوڙيندڙ ايم اين وي ڊرين جو گهارو انتظاميه کي هينئر ياد اچي ويو، گهاري کي بند ڪرڻ وارو ڪم جاري آھي
شهرين ۽ ڳوٺاڻن گهارو بند ڪرڻ واري ڪم تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو آهي ته، مها ٻوڏ کانپوءِ حڪمرانن توڙي انتظاميه هِن گهاري کي وساري ڇڏيو هو، هينئر پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ باوجود به ڪو ڪم شروع نه ٿيو هو
شھرين ۽ ڳوٺاڻن موجب اسان احتجاج ڪيو ته ڪجهه مشينري موڪلي ڪم شروع ڪرايو ويو، نالي ماتر ڪم ڪري خانه پوري ڪئي پئي وڃي