ڪراچي 27 آگسٽ : صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ حيدرآباد رين ايمرجنسي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته چوماسي برساتن جون تباهڪاريون جاري آهن جنهن پوري ملڪ کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت پاران سڀني لاءِ پيغام آهي ته اسان عوام خاطر سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي ورڪرن کي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي امدادي ڪارروائين ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته لکين ماڻهو حڪومت ، سياسي پارٽين ۽ ميڊيا ڏانهن ڏس رهيا آهن _ هو اڄ شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هيو. هن چيو ته ملڪ ۽ عوام خاطر سياست کان هٽي ڪري اهڙين حالتن ۾ بدترين سياسي اختلافن کي عوام خاطر وسارڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سياست تڏهن ٿيندي جڏهن عوام ۽ ملڪ هوندو _ هن چيو ته اهو سياست لاءِ وڏو وقت آهي پهرين برسات جون تباهڪاريون هيون هاڻي ٻوڏ جو خدشو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن وڌيڪ خطرناڪ آهن ڇاڪاڻ ته ملڪ جي بالائي علائقن مان وڏو سيلابي ريلو اچي رهيو آهي _ هن چيو ته اسانجي ڪوشش آهي ته پهرين ماڻهن کي ريسڪيو ڪيووڃي پوءِ سندن بحالي جو ڪم ڪيو وڃي ۽ تاريخ ۾ ايتري تباهي نه آئي آهي _ هن ٻڌايو ته برساتن دوران ڪل 441 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جڏهن ته 14930 ماڻهو زخمي ٿيا آهن _ان کان علاوه 94089 چوپائي مال جو نقصان ٿيو آهي _ هن ٻڌايو ته 6 لک87 هزار 702 جزوي جڏهن ته 9 هزار 931 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن _ صوبائي وزير ٻڌايو ته31،62،219 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو آهي ۽ برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري 12لک 51 هزار 881 خاندان متاثر ٿيا آهن _ صوبائي وزير چيو ته تازين برساتن سبب 44 لک 42 هزار 021 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ ڪل 50 لک جي آبادي متاثر ٿي آهي _ صوبائي وزير چيو ته 2328 ڪلو ميٽر روڊ تباهه ٿيا آهن جڏهن ته 60 پلون ، 32دڪان ۽ 6 مسجدون پڻ شهيد ٿيون آهن _ان کان علاوه پوري سنڌ ۾ 1766 فلڊ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن _هن ٻڌايو ته 4 لک 58 هزار ،759 ماڻهو امدادي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن _ پي ڊي ايم اي 89 هزار 815 خيما، 30 هزار 710 ترپال جڏهن ته اين ڊي ايم اين اي 7443 خيما ۽ 8900 ترپال متاثرن ۾ ورهايا آهن _ هن ٻڌايو ته برسات متاثرن ۾ پي ڊي ايم اي 35 هزار 442 راشن بيگس ۽ اين ڊي ايم اي 4 هزار 780 راشن بيگس ورهايا آهن-صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جتي به امدادي ڪيمپون آهن اتي انتظاميا ۽ سرندي وارا تيارٿيل کاڌو پهچائي رهيا آهن _صوبائي وزير چيو ته جيڪڏهن اسين راشن ڏيون ها ته اتي حالتون اهڙيون آهن جو اهي هڪ لڪڙي به ٻاري نٿا سگهن _ هن چيو ته برسات متاثرن جي سرندي وارا ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن _ هن سرندي وارن ۽ اين جي اوز تي زور ڀريو ته اهي متاثرن کي ڪجهه ڏيڻ چاهين ٿا ته پهرين لاڳاپيل انتظاميا سان لهه وچڙ ۾ اچن ته جيئن گڏيل طور متاثرن جي مدد ڪري سگهجي _ هن چيو ته متاثر ٿيل ماڻهو پي ڊي ايم اي جي ڪنٽرول روم نمبر03355557362 ۽ 02135381810 تي رابطو ڪري سگهن ٿا _صوبائي وزير چيو ته هر متاثر خاندان کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار رپيا مهيا ڪيا پيا وڃن ۽ اسان کي خبر آهي ته تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پرهن رقم مان به سندن ڪجه ڪفالت ٿي ويندي _ هن چيو ته لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ هزارين ماڻهو امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن _ هن چيو ته حيدرآباد شهر جو 85 سيڪڙو علائقو ڪليئر آهي جڏهن ته اڃان به برساتي پاڻي جي نيڪالي وارو ڪم هلندڙ آهي _هن ٻڌايو ته 15 سيڪرو هيٺانهن وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي جڏهن ته حيدرآباد ٻهراڙي جي صورتحال تمام خراب آهي هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي _ هن چيو ته سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگنڊا هلائي پئي وڃي_ هن واضح ڪيو ته اسانجو ڪوبه نمائندو پنهنجن زمينن کي بچائڻ لاءِ ماڻهن کي نه ٻوڙي رهيو آهي _ صوبائي وزير چيو ته اسان واضح ڪري چڪا آهيون ته پنهنجن زمينن کي بچائڻ لاءِ ڪو به ڳوٺ نه ٻوڙيو وڃي جيڪڏهن ڪو به شخص پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ ڳوٺ ٻوڙي رهيو آهي ته ان خلاف سخت قدم کنيو ويندو _ هن چيو ته پاڪ فوج ۽ نيوي جي جتي به ضرورت پوي ٿي اهي سول انتظاميا جي مدد ڪري رهي آهي ۽ سمورا ادارا گڏجي ان قومي سانحي ۾ متاثرٿيل عوام جي مدد ڪري رهيا آهن.