آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪراچي پهچي ويو آهي، کيس سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڪيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سنڌ ۽ بلوچستان ۾ امدادي ڪيمپس جو دورو ڪندو، ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن ۾ مصروف پاڪ فوج جي جوانن سان ملاقات به ڪندو
آءِ ايس پي آر موجب آرمي فلڊ رليف سينٽر هيڊ ڪوارٽر آرمي ايئر ڊفينس ڪمانڊ راولپنڊي ۾ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ملٽري آپريشنز ڊائريڪٽوريٽ جي سهڪار سان سڄي ملڪ ۾ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري سگهجي
آءِ ايس پي آر موجب ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ رليف سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، سينٽرز جو مقصد ماڻهن کي کاڌ خوراڪ پهچائڻ، ريسڪيو ڪرڻ ۽ ٻيون رليف سهولتون ڏيڻ آهي
آءِ ايس پي آر موجب فوجي جوان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن، ٻوڏ متاثرن کي پناهه، کاڌو ۽ طبي امداد فراهم ڪري رهيا آهن
ٺٽي ۾ 60 خاندانن لاءِ خيما اڏيا وي آهن، ننگرپارڪر، بدين، ٺٽو، سجاول، سانگهڙ، ڄامشورو، ميرپورخاص ۽ دادو ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرن کي راشن ۽ امدادي سامان فراهم ڪرڻ لاءِ فارورڊ بيس اڃا به ڪم ڪري رهيا آهن
فوجي ترجمان موجب ٽنڊي الهيار ۽ مٽياري ۾ فارورڊ بيس قائم ڪيا ويا آهن، موبائل ميڊيڪل ٽيمون ڏورانهن علائقن ۾ طبي سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن، ڪوٽڏيجي سميت خيرپور جي مختلف علائقن ۾ جوانن راشن به ورهايو