وزير اعظم پاڪستان شهباز شريف ٻوڏ متاثر سنڌ صوبي جي حڪومت کي 15 ارب روپين جي گرانٽ جو اعلان ڪندي چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سموري ملڪ جي اهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي جيڪا اڳي ڪڏهن به نه ڏٺي سي، متاثرن جي مدد ۽ انهن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا قطب آڻينداسي، ۽ بين الاقوامي برادري جي سهڪار سان متاثر علائقن کي ٻيهر نئين سر تعمير ڪري انهن کي آباد ڪيو ويندو، وزير اعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ وارن علائقن جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ڳالهيون ڪيو جڏهن ته شهباز شريف طرفان سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ متاثرن علائقن جو هوائي دورو پڻ ڪيو ويو ان موقعي تي ساڻس وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ، وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ۽ ٻيا ساڻن گڏ هئا، ٻئي پاسي وزير اعظم پاڪستان شهباز شريف جي سکر پهچڻ تي بلاول ڀٽو زرداري طرفان شاندار آجيان ڪيو ويو بلاول ڀٽو زرداري پاڻ وزير اعظم جو استقبال ڪرڻ لاءِ سکر جي بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ تي پهچي ويو ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سيد خورشيد احمد شاهه ۽ ٻيا موجود هئا ٻئي پاسي وزير اعظم شهباز شريف متاثرن جي امداد ۽ ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيمپ پهچي ويو، سکر انتظاميا طرفان ڪيمپ وڃڻ کان روڪيو ويو متاثرن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون، تفصيل موجب وزير اعظم پاڪستان شهباز شريف جي سکر جي دوري جو اطلاع ملڻ تي سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا مرد ۽ عورتون حڪومت طرفان امداد حاصل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ريليف ڪيمپ ۾ پهچي ويا متاثرن جي وڏي انگ هئڻ سبب سکر انتظاميا متاثرن کي ڪيمپ ۾ وڃڻ کان روڪيو ان موقعي تي متاثرن ۾ موجود عورتن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ معمولي معمولي ڳالهه تان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ان موقعي تي متاثرن جو چوڻ هو ته اسان سڀني جا گهر تباهه ٿي چڪا آهن ۽ اسان کي اڃا تائين امداد فراهم ناهي ڪئي وئي، اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي ريليف فراهم ڪن.