اڄ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جي دؤر ۾ قدرتي آفتون ، طوفان ، برساتون ۽ ٻوڏون ڪي اوچتيون رونما نه ٿينديون آھن ، بلڪه موجوده دؤر ۾ اھڙن صورتحالن کي سائنس ذريعي اڳواٽ پروڙي ، پيشنگوئي ڪئي ويندي آھي . اھڙا اڳواٽ ھاء الرٽ جاري ڪيا وڃن ٿا ،جيئن حفاظتي اپاء ورتا وڃن.
موسميات کاتي جون اڳڪٿيون اسان جي حڪمرانن ، اعلي انتظاميه ۽ عوام کي اڳواٽ ئي اخبارن , اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ باقاعدي طور تي ليٽر لکي به اطلاع ڪن ٿيون ته هن تاريخ تي، هن ڏينهن تي، ۽ هن وقت تي برسات يا ٻوڏ جي شرح ۾ واڌ جا امڪان موجود آهن ,جنهن لاء حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ عوام جي بچاء کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڻي جي نيڪال لاء اپاء ورتا وڃن، جيئن عوام جي اھنجن جو اڳواٽ تدارڪ ٿئي. اھا وقت جي حڪمرانن جي ذميواري ۽ فرض آھي ته عوام جي ھر حال ۾ حفاظت کي يقيني بڻائن ۽ عوام سان ويجھڙائي جو تعلق جوڙي ،اڳواٽ صورتحال ۽ حقيقتن کان واقف ڪن ۽ سندن حفاظت کي يقيني بڻائن پر افسوس اسان جي حڪمرانن ۽ انتظاميه طرفان ڪڏھن به ڪي اڳواٽ اپاء نه ورتا ويندا آھن . ھنگامي صورتحال ۾ حڪمرانن ۽ انتظاميه جي اھا ذميواري آھي ته ، ھو بنا دير عوام کي ريسڪيو ڪري ، سندن حفاظت ڪري ، خطرن ما ڪڍي اچي . حادثا ٿين ٿا ، ڳوٺ ٻڏن ٿا، گھر ڪرن ٿا يا عوام وڏين مشڪلاتن ، مصيبتن ۽ ڏکائين ۾ ٿو پئجي وڃي ته انھن کي ھنگامي بنيادن تي ريسڪيو ، رھائش ، کاڌ خوراڪ ، دوا درمل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون مھيا ڪري ڏيئڻيون آھن ، جيئن سندن حياتيون بچي سگھن .اھڙي صورتحال ۾ چوپائي مال کي بچائڻ لاء ڪوششون ڪرڻ به سرڪار جي فرضن ۾ شامل آھن .
تاريخ تي نظر وجھڻ سان ۽ عملي طور تي حڪمرانن جي قدمن کي ڏسڻ ۽ جاچڻ سان، اھا خبر پوي ٿي ته ، اسان جا حڪمران ۽ انتظاميه اڳواٽ عوام جو بچاء ڪرڻ ۽ خدمت ڪرڻ سکيا ئي نه آھن ، حالانڪه اسان جو حڪمران طبقو اھو سڀ ڪجھ چاھي ته اڳواٽ به ڪري سگھي ٿي پر نه ڪرڻ ڪري عوام ويچاري جا سور ۽ مصيبتون ٽيڻا چؤڻا ٿيندا پيا وڃن . پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ کاتو متحرڪ ھئڻ گھرجي .حڪمت عملي ۽ منصوبه بندي کان وانجھيل نظام ۾ ھمييشه نقصان ۽ ناڪاميون پلئه پونديون آھن . سٺي حڪمراني ۽ نيڪ نيتي، ايمانداري ۽ ڪل وقت ڪم ڪرڻ سان انھن قدرتي آفتن ۾ نقصان جي تناسب کي يقيني طور گھٽ ڪري سگھجي ٿو . اڳواٽ اپائن لاء کوڙ تجويزون ڏيئي سگھجن ٿيون.
ھن برسات ۾ سنڌ جي صورتحال تي نظر وجھبي ته ”سنڌ ٻڏي وئي “ سنڌ جون وستيون ، واھڻ ، ڳوٺ ۽ شھرن ۾ سيلاب جا منظر آھن . روڊ ، رستا سڀ پاڻي ۾ ٻڏل آھن . گھرن ۾ گھٽين ۾ پاڻي تارؤن تارآھي . فصلن جو آسرو ته ھاڻي ڪونھي ، پر سنڌي سر بچائڻ لاء صدائون ۽ پڪارون ڪري رھيو آھي. شھرن جي روڊن تي ٻيڙيون آھن . ڳوٺاڻا سر بچائڻ لاء مدد جون اپيلون ۽ ٻيڙين لاء منٿون ڪري رھيا آھن . بجلي جو نظام ڊانوان ڊول آھي . پيئڻ لاء پاڻي جي ڪمي آھي. ڪچا پڪا اجھا ڊھي پٽ پئجي رھيا آھن ، پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ ، ڇتن ھيٺيان دٻجي شھيد ٿيڻ ، چوپائي مال جو لڙھي ۽ مري وڃڻ ، کائڻ لاء پيل اناج ۽ الھ تلھ تباه ٿيڻ سان گڏ ، موت جي منھن ۾ آھن . چئو طرف آھون پڪارون ۽ ھانو ڏاريندڙ تباھي جا منظر آھن . جوڙجڪ ۽ مڪمل ڊانچو تباھ ٿي چڪو آھي . ان دردن ڀري داستان ۽ ڏکوئيندڙ صورتحال کي بيان ڪرڻ لاء ، الفاظ ئي نه ملي رھيا آھن جن سان دردن جي ڪيفيت ۽ پيڙاء کي بيان ڪري سگھجي جنھن سان جذبن جي عڪاسي ٿئي .
ھن قدرتي آفت سان آيل تباھي جي ڀيانڪ ۽ دردن سڌ جي وزير اعلي سيد مراد علي شاه کي به صدمو رسايو آھي. پاڻ وزير اعلي ھائوس ڇڏي مسلسل دؤرا ڪري رھيو آھي ۽ حڪمرانن جون ضلعي سطح تي ڪاميٽيون پڻ جوڙي چڪو آھي ، جيڪي ميٽنگون ۽ معائنو ڪري رھيا آھن، پر افسوس متاثرين کي اڃا تائين مڪمل سھولتون مھيا نه ڪري سگھيا آھن ۽ نه ئي ڦاٿلن کي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ڪري سگھيا آھن . وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه جا دورا صرف پاڻي نيڪال ۽ فوٽو سيشن تائين نه پر جنھن خدمت جي جذبي سان دؤرا ڪيا ، متاثرين جي لاء اوترو ئي خدمت جو ذريعو ۽ مرھم بڻجن . اھا ذميواري انتظاميه جي آھي ته پنھنجي سربراه جي ھدايتن ۽ حڪمن تي ان روح سان عمل ڪن.
سنڌ مٿان آيل انھن جيء جھوريندڙ عذابن ، بکن، تباھين مصيبتن ،گھر گھاٽن، مال ۽ فصلن ، مطلب جاني مالي ٿيل نقصانن کي سنڌ سرڪار ڀري ڏيندي ؟ يا ان جو پورائو رڳو آفت سٽيل قرار ڏيئي ڍل ۽ آبيانو معاف ڪرڻ ٽينٽ ۽ مڇردانيون ڏيڻ سان ٿي سگھندو ؟ !.
متاثرين جي بحالي ۽ رھائش لاء جايون جوڙي ڏيڻ ۽ کاڌ خوراڪ لاء 20 مڻ ڪڻڪ في ڪٽنب جي حساب سان سنڌ حڪومت کي ڏيڻ گھرجي . ھي وقت آھي شھيد قائد عوام جي منشور ”روٽي ڪپڙا اور مڪان“ تي حقيقي روح سان عمل ڪرڻ جو .
سڀني درخواست گذارن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ماھوار معقول رقم ڏيڻ گھرجي . روڊ رستا نئين سر معياري طرح سان تعمير ڪرڻ گھرجن . مصيبتن ۾ ڦاٿل ماڻھن جي بنا دير مالڪي ۽ واھر ٿيڻ گھرجي جنھن جي نشان دھي سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ڀرپور نموني سان نشر ڪري ۽ ڏيکاري به رھي آھي ۽ پرنٽ ميڊيا پڻ ليڊ خبرن ۽ تصويرن سان شامل ڪري رھي آھي .
عوام جي ھيڻن حالن ۽ تباه ڪارين کي ڏسندي ، ھاڻي حڪمرانن ۽ انتظاميه کي، سندس ريسڪيو توڙي رليف لاء بغير دير جي ، عملي قدم کڻڻ گھرجن . ديھن ، تپن ۽ يونين ڪائونسل سطح تائين ، ھر گھر ۽ ھر در تائين پھچي سندن ڏکن،مصيبتن ، اھنجن ۽ دردن جو درمان ڪرڻ گھرجي . بچائڻ ۽ بحالي لاء دل کولي سمورا وسيلا بنا دير جي ، درست نموني سان استعمال ڪري پريشان عوام لاء آسانيون پيدا ڪيون وڃن . سنڌ حڪومت ھنگامي بنيادن تي فنڊس ته رليز ڪيا پر سندن انتظاميه ان سلسلي ۾ بيحد سست آھي کيس گھرجي ته بنا دير جي انصاف موجب فنڊس درست ڪتب آڻي ريسڪيو ۽ رليف کي يقيني بڻائي.
عوام تي ھن ڏکي ۽ مشڪل گھڙي ۾ عوام طرفان عوامي خدمتن جي شاندار جذبن جا ڇا ته مظھر آھن ؟ ڪجھ ڪئيمپن تي ننگر جو انتظام نه ھئڻ ڪري ،سرنديء وارن ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سان فون تي ذڪر ڪرڻ سان ٻن ڪلاڪن اندر ننگر تيار ڪرائي ۽ کڻائي ڪئمپ تي پھچي پيا وڃن . گھڻا رضاڪار بغير فوٽو سيشن جي گھرن تائين راشن پھچائي رھيا آھن . ڪجھ ماڻھون پنھنجي جاء جي ڪجھ حصي ۾ غريبن کي نه فقط رھائي رھيا آھن پر ماني ٽڪي به ڏيئي رھيا آھن .
پير سائين پڳارو به متاثرين لاء پير ڳوٺ ۾ رھائش ۽ کاڌ خوراڪ جواعلان فرمايو آھي . پير ڳوٺ درگاه ، محسن مسلم درگاه آھي .
اصل ڪم سرڪار جو آھي ۽ سرڪار کي گھرجي ته خصوصي ۽ ترجيحي بنيادن تي پنھنجا سڀ وسيلا ۽ سڀ صلاحيتون استعمال ڪري بنا وقت وڃائڻ جي ريسڪيو ، رليف ۽ بحالي کي يقيني بنائڻ گھرجي .