(اڏيرولعل رپورٽ نديم شيخ) ارڙهن ڪلاڪ مسلسل بارش پوڻ ڪري اڏيرولعل وليج ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ تباهي مچائي ڇڏي ڪيترائي گهر ڊهي پٽ درگاه شري امر اڏيرولعل جو گرائونڊ تلاء جي شڪل ڏيڻ لڳو. جيئن ته اڏيرولعل جي شيخ محله,ڄاموٽ محله ۽ راجپوت محله جي هٺيائين پاسي ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ ڪيتريونئي جڳهيون ڪري پيو آهن. ان موقعي تي شهزاد شيخ,سينگار شيخ,محبوب شيخ ۽ رجب ڪوٽار جن دانهيندي چيو ته مسلسل بارش پوڻ ڪري اسان جي گهرن ۾ پاڻي بيهي رهيو آهي جنهن سبب ڪيترائي گهر ڊهي پيا آهن وري مٿان اڏيرولعل ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نا اهلي ڪري ڊرينج سسٽم جو ناڪاره ڪم هئڻ ڪري گندو پاڻي نالين بدران روڊن تي بيهي رهيو آهي اسين ضلعي حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي گهرن مان پاڻي ڪڍرائي اسان جي نقصان جو ازالو ڏنو وڃي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
2
+1
1
+1
1