سکر(بيورو رپورٽ) سکر سينٽرل جيل جي نوجوان ڊپٽي سپريڊنٽنٽ ابوبڪر فرحت چيو آهي ته وطن عزيز پاڪستان اسان جي بزرگن جي تمام گهڻي قربانين کان پوءِ وجود ۾ آيو، پاڪستان خداتعالي جي هڪ نعمت ۽ عظيم تحفو آهي، جنهن جو اسان کي قدر ڪرڻ گهرجي، قائد اعظم محمد علي جناح جي عظيم اڳواڻيءَ ۾ اسان جي اڪابرين هن ملڪ جو بنياد وڌو، آزادي جي تقاضن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هر پاڪستاني کي ملڪ جي بهتري، ترقي، خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، اڄ اسين عهد ڪريون ٿا ته وطن عزيز پاڪستان جي سلامتي، خوشحالي، ترقي جي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پوئتي نه هٽنداسين ابوبڪر فرحت جو وڌيڪ چوڻ هو ته زنده قومن جي لاءِ آزادي جو ڏينهن نه رڳو يادگار پر انهن جي لاءِ هڪ عظيم ۽ آزادي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي حوالي سان تاريخي اهميت جو حامل هوندو آهي، پاڪستان هڪ منفرد سوچ، فڪر ۽ نظريي جي پيش نظر وجود ۾ آيو هن جي قيام جي تقاضن کي پورو ڪرڻ پوري قوم تي فرض آهي. هن جو چوڻ هو ته وطن عزيز پاڪستان جي حفاظت، بقا، سلامتي، استحڪام جي لاءِ پاڪستاني فوج ڪيتريون کي قربانيون ڏنيون آهن، پوري قوم وطن عزيز پاڪستان جي استحڪام، سلامتي، جي لاءِ پنهنجي بهادر فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي، ۽ ملڪ جي خاطر ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين، ابوبڪر فرحت تحريڪ آزادي پاڪستان جي شهيدن ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد جي دوران هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي ايصال ثواب جي لاءِ فاتحه ۽ دعا به ڪئي
وطن عزيز پاڪستان اسان جي بزرگن جي تمام گهڻي قربانين کان پوءِ وجود ۾ آيو، پاڪستان خداتعالي جي هڪ نعمت ۽ عظيم تح
وطن عزيز پاڪستان اسان جي بزرگن جي تمام گهڻي قربانين کان پوءِ وجود ۾ آيو، پاڪستان خداتعالي جي هڪ نعمت ۽ عظيم تح
Highlights
- آزادي جي تقاضن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هر پاڪستاني کي ملڪ جي بهتري، ترقي، خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو،
- وطن عزيز پاڪستان اسان جي بزرگن جي تمام گهڻي قربانين کان پوءِ وجود ۾ آيو، پاڪستان خداتعالي جي هڪ نعمت ۽ عظيم تح
- وطن عزيز پاڪستان جي سلامتي، خوشحالي، ترقي جي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پوئتي نه هٽنداسين
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
1
+1
1
+1
Leave a comment