(پاڪ سوچ رپورٽرمزارخان کوسو) جونگل ڀرسان مير پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ لياقت علي کوسو ۾ رات دير سان جوابدارن شوڪت علي ۽ خادم علي کوسو پنهنجي 20 سالا غير شادي شده نوجوان ڀيڻ عابده کوسو ۽ 22 سالا نوجوان سئوٽ عبدالوهاب کوسو کي ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو مک جوابدار قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو واقعي جو اطلاع ملڻ بعد ميرپور ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا جڏهن ته مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي سندس جي وارثن ۾ ڪُهرام مچي ويو واقعي بابت ايس ايڇ او ميرپور محمد حسن ملڪ ٻڌايو ته جوابدارن شوقت علي کوسي ۽ خادم علي کوسي ڪارنهن الزام ۾ ڀيڻ ۽ سئوٽ کي قتل ڪيو آهي وڌيڪ جانچ ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو هڪ جوابدار عابد علي کوسو کي گرفتار ڪيو جڏهن ته بقايا جوابدرن جي ڳولا جاري آهي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو