گورنمينٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر ۾ جشن آزاديء ” ڊائمنڊ جوبلي “ جي ھڪ پر وقار ۽ شاندار تقريب ٿي گذري جنھن جي صدارت ممتاز تعليمي ماھر غلام شبير ميراڻي صاحب ھيڊ ماستر گورنمينٽ ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول سکر ڪئي ، تقريب جا مک مھمان شبيراحمد شيخ صدر گسٽا تعلقه سکر ھئا ۽ اعزازي مھمان ظھيرالدين ابڙو فرسٽ اسسٽنٽ ۽ غلام عباس ڀٽي صدر گسٽا يونٽ ڊبل سيڪشن ھاءاسڪول سکر ھئا. تقريب ۾شاگردن تلاوت ڪلام پاڪ، حمد ، نعت ، تحريڪ پاڪستان ۽ آزاديء بابت تقريرون ڪيون ، پيغام ڀريا ٽيبلوز ۽ قومي نغما پيش ڪيا. تقريب ۾ استادن مشتاق علي لنڊ ،۔وقار السميع ، فھيم احمد قريشي ،شعيب الرحمان، دانش وقار منگي ، اسدالله ڀٽو ، غلام عباس ڀٽي ، ظھيرالدين ابڙو ۽ شبيراحمد شيخ پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو ۽ ٻارن جي ڪارڪردگيء جي واکاڻ ڪئي ، تحريڪ بابت ويچار ونڊيا ۽ آزاديء جي اھميت کي اجاگر ڪيو. غلام شبير ميراڻي صاحب پنھنجي صدارتي خطاب ۾ ٻارن جي محنت قابليت ۽ ڪارڪردگيء کي ساراھيو ۽ ٻارن کي ” ڪالھ – اڄ ۽ سڀاڻي “ جي عنوان سان ، ” ڪالھ جون حقيقتون جنھن ۾ تحريڪ پاڪستان جي پسمنظر کي بيان ڪيو ، اڄ جي نسبت سان سندس ذميوارين کان واقفيت ڏني ۽ سڀاڻي جا چئلينجز بيان ڪري کين پنھنجي ڪم ۽ ڪردار جي تعين لاء سوچڻ ۽ پائيدار تعميري ترقيء لاء رھنمائي ڪئي ۽ سڀني ۾ اتساه پيد ڪيو ۔آخر ۾ استاد عبدالوسع مڱريو جي اوچتي وڇوڙي ۽ پاڪ آرمي جي قومي ھيروز جي جھاز حادثي تي ڏک ۽ غم جو اظھار ڪيو ويو ۔