روهڙي جي قديمي ماتمي جلوس ۾ پيهه ۽ گرمي سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 عزادار ساهه ٻوساٽجڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ۽ بيهوش ٿي پيا.
روهڙي ۾ ياحسين جي صدائن سان ساڍا 4 سئو سالن جو تاريخي ضريح اقدس نوڍالا ڪربلا معلي جو ماتمي جلوس آچر ۽ سومر جي وچين شب 4 بجي شهر جي بجلي بند ڪري شمع گل ڪرڻ بعد اداره محفل شاهه عراق ڪربلا مان شروع ٿيو، جنهن ۾ سموري مُلڪ مان لکن جي تعداد ۾ عزادارن شرڪت ڪئي.
جلوس دوران ضريح اقدس کي پرسو ڏيڻ جي ڪوشش دوران پيهه ۽ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 عزادار فوت ٿي ويا، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ عزادار زخمي ۽ بيهوش ٿي ويا، جن مان ڪيترن ئي زخمين کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان ڪيترن جي ئي طبعيت ناساز آهي.
فوت ٿيلن ۾ دلشير پٽ مور زداو، سکر جي لوڪل بورڊ جو رهواسي حسن پٺاڻ، هالاڻي واسي منصور ۽ سندس ڀاءُ ذوالفقار سولنگي شامل آهي، جڏهن ته هڪ ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.
ان ڏس ۾ پوليس ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته قديمي ماتمي جلوس ۾ سخت گرمي ۽ عزادارن جي پيهه سبب 6 عزادار فوت ٿيا آهن، جن چئن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي ته جڏهن ته ٻن عزادارن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.