وزيراعظم شھباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جو عزم ھڪ ڀيرو وري ورجايو آھي،ان ھوندي بھ اڃان ائين ئي لڳي ٿو تھ جيترو ڪجھھ ٿي رھيو آھي اھو بنھھ ٿورڙو آھي،جيڪا صورتحال تاحال برسات متاثرن جي رپورٽ ٿي رھي آھي،اھا سرڪاري دعوائن سان ڪنھن بھ طرح ٺھڪي نھ رھي آھي، انڪري ئي اھڙا سوال جنم وٺي رھيا آھن تھ حڪمران ڌريون ايتري بي حسي جو مظاھرو ڇو ڪري رھيون آھن.
بلوچستان حڪومت جا وزير مشير چون ٿا تھ عوام جي ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي لاءِ ھنن پنھنجي وسان نھ گھٽايو آھي پر اھو سڀ ڪجھھ زمين تي ٿيندي نظر نھ اچڻ تائين ڪئين اھڙين دعوائن کي مڃي وٺجي.ھاڻوڪي برسات ۾ ٻارھن کان وڌيڪ ڊئمن کي نقصان رسيو جنھن تي بھ سوين سوال اٿاريا ويا آھن،اھو بھ سوال سامھون آيو آھي تھ ھن جديد دور ۾ ٺھيل پليون ڪيئن ڊھي پيون ۽ انگريزن جي دور جي ٺھرايل ھڪ بھ پل ڇو نھ ڊٿي.؟ اھو سڀ ڪجھھ جڏھن نظر اچي ٿو تڏھن عوام اھي سوال ڪري ٿو.جنھن جو بھ جواب ضرور ملڻ گھرجي.
بلوچستان اھو لاوارث صوبو آھي جتي حڪومت ڪندڙ حڪمران ڪڏھن بھ عوام جي حقيقي مسئلن کي نبيرڻ جي لاءِ ڪا منظم رٿابندي ڪري اڳيان نھ وڌيا آھن،ھن وقت بھ جڏھن عوام تي برسات ۽ ان بعد آيل ٻوڏ جي ڪري ماڻھون ۽ ماڻھن جا جانور،انھن جي کاڌي پيتي جو سامان سرڙو پاڻي جي تيز وھڪرن ۾ ڪنھن ڪک پن جيان لڙھي رھيو ھو تھ ان ڏکي گھڙي ۾ ھنن جي ڀرجھلائي جي لاءِ ڪو بھ اڳيان نھ آيو.
اھو تھ ڀلو ٿئي وزيراعظم جو جيڪو سياسي ملاکڙي مان واندو ٿي ڪري ڪجھھ متحرڪ ٿيو تھ وڏو وزير پڻ پڌرو ٿيو.ان ڪري ماڻھن جي ان ڳالھھ ۾ مڪمل صداقت آھي تھ حڪومت کي جيترو ڪرڻ گھرجي ايترو نھ ٿي رھيو آھي.جنھن مان ھن بد نصيب علائقي جي ماڻھن مٿان حڪمران ڪندڙ حڪمرانن جي بي حسي ظاھر ٿي رھي آھي.رياستي لاپرواهي ۽ بي حسيءَ جي وڏي قيمت ھتي جي عوام ئي ادا ڪرڻي پئي آهي.
ھڪڙي تمام وڏي برسات وسي وئي آھي مٿان ٻي ڀري پئي آھي،انھن ٻن مھينن دوران آيل تيز وسڪارن صوبي جا ڪيترائي رستا ۽ اهم پليون توڻي ٻيو مواصلاتي ڍانچو ٻوڙي ڊاھي ڦٽائي ڇڏيو آھي.ان حقيقت جو ڪو حقيقي احتساب نه ٿيو آهي جيڪو ڪجھھ صوبو گذريل ٻن مهينن کان برداشت ڪري رهيو آهي ۽ ان عرصي ۾ جيڪو نقصان ٿيو آهي،ان جي ڪاٿي يا اندازي جي لاءِ ڪو بھ ڪم شروع ٿيندي نظر نھ اچي رھيو آھي.باقي نمائشي تصويري سيشن ۽ ميڊيا جي ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ ڳالھيون وڏيون ڪيون پيون وڃن.
جڏھن وزيراعظم جي روبرو ماڻھون امدادي ڪئمپن ۾ خوارڪ پاڻي دوائون نھ ھئڻ جي دانھن ڪن ٿا تھ پوءِ بھ وزيراعظم کي اھو ڇو نٿو سمجھھ ۾ اچي تھ اھڙي ڪوتاھي جي پٺيان ڪھڙي ”چست انتظاميھ“ سرگرم آھي.جڏھن موسميات کاتي جي لڳاتار وارننگ باوجود انتظاميھ نالي ڪو بھ نظام متحرڪ نھ ٿيو تھ اھو سڀ ڪجھھ ٿيڻو ھو.
بلوچستان ۾ پيدا ٿيل صورتحال موسم جي ھڪ خطرناڪ وارننگ آھي،يعني تھ اھو سڀ ڪجھھ ھاڻي ٻئي ڪنھن ھنڌ بھ ٿي سگھي ٿو ڇاڪاڻ جو اسان موسم بابت گھڻي آگاھي نٿا رکون ۽ ان جي نزاڪت کي سمجھڻ جي لاءِ بھ تيار نھ آھيون انڪري ھن صوبي جي تصوير مان اھو سمجھڻ گھرجي تھ ماحوليات سان ٿيل ھٿ چراند سبب ايترو بگاڙ پيدا ٿي ويو آھي اھو سلسلو ھاڻي ھلي پيو آھي.ايندڙ سال بھ گرمين توڙي سياري ۾ موسم جي اھڙي بي رحمي کي منھن ڏيڻو پوندو.گرمي جي لهر کان پوءِ طوفاني برسات، ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ جيڪا تباهي مچائي ان ۾ وري وس وارن ۽ اختيارين پنھنجو پنھنجو حصو ملايو ھو.
بدقسمتي سان اسان پنھنجن سياسي ۽ معاشي مسئلن جي اھڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھيون جو ھن اھم پاسي طرف غور ۽ ويچار ڪرڻ لاءِ تيار ئي نھ آھيون،جڏھن گھڻي برسات ۽ ٻوڏ جا امڪان موجود ھئا تھ ان صورت ۾ سرڪار جو ردعمل نھ رڳو سست پر لاتعلقي وارو رھيو.اسان وٽ غيرمعمولي موسمي حالتن کي سامھون ٿيڻ جي لاءِ ڪو بھ روڊ ميپ نھ آھي،روايتي وٺ وٺان ۽ ھڻ ھڻان ڪندي ان جو ڪو وقتي حل ڳولڻ چاھيون ٿا جڏھن تھ اھو ڪم ڊگھي مدي واري مضبوط ۽ عمل جوڳين رٿائن جي تقاضا ڪري ٿو.اسان جي سماج جو اھو بھ ھڪ پاسو آھي تھ اسان ڪم ٽپائڻ واري ھلت ھلندا آھيون انڪري ڪنھن جامع رٿا تي ويچارڻ جي وارو سوچ سمجھھ گھڻو اسري ناھي سگھي.
جيستائين موسمي حقيقي خطرن کي سڃاڻڻ ۾ ڪامياب نھ ٿينداسين تيستائين اھو سلسلو گھڻو جٽاءُ نھ ڪري سگھندو.ماھر اڳي ئي خبردار ڪري رھيا آھن تھ ڊگھي وقت لاءِ ڏڪار وڏيون ٻوڏون،شديد سيءُ ھاڻي اڻٽر ٿي ويندا.ان پس منظر کي نظر ۾ رکندي ڪا ان جي توڙ ڪندڙ رٿابندي نھ ڪرڻ سان بي رحم موسمن جي سٽ سھڻ ڏکيو ٿي پوندو.
اھو بھ ٺيڪ آھي تھ وزيراعظم ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن سبب آيل ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف فنڊ قائم ڪري ڇڏيو.وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي هدايت ڪئي هئي ته فوري طور تي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي 5 ارب رپيا جاري ڪيا وڃن. هن برساتن۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سرندي وارن کي اپيل پڻ ڪئي آھي.
اھو سڀڪجھھ پڻ وقت ٽپائڻ وارو قصو آھي،ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ عوام کي موسمي حالتن بابت آگاھي ڏني وڃي،غربت گھٽائڻ جي لاءِ عمل جوڳا پروگرام ڏنا وڃن،ماڻھن کي فني سکيا ڏئي پنھنجي پيرن تي بيھاريو وڃي.صوبي جي انفراسٽرڪچر کي نئين سر اٿاري بيھاريو وڃي.عوام جي حقيقي ھڏ ڏوکي بڻجي ان جو حال ڀائي ٿجي، عوام سان تعلق جوڙجي جيئن عام ماڻھون ۽ سرڪار وچ ۾ ايڏي وڏي وڇوٽي ختم ٿي سگھي.
سرڪار جيڪو ڪجھھ ڪري پئي اھو مٿس فرض آھي ان ڪري عوام جي ٿيل نقصان جو درست ادارڪ ڪندي ان جو ممڪن حد تائين تدارڪ ڪيو وڃي.نيئن حالتن کي سمجھندي ۽ تسليم ڪندي ان جو بھترين حل ڳوليو وڃي ۽ لاوارث ماڻھن سان بي حسي وارو رويو ختم ڪيو وڃي.