اسلام آباد: (آچر 15 مئي 2022ع) پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جو ٽيون ڪيس رپورٽ ٿي ويو آهي.
صحت واري وزارت جي ترجمان پوليو جو ٽيون ڪيس رپورٽ ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته اتر وزيرستان ۾ هڪ سال جي ٻارڙي ۾ پوليو جي تصديق ٿي آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته هلندڙ سال پوليو جو ٽيون ڪيس رپورٽ ٿيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.
صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ان حوالي سان چيو آهي ته بحيثيت قوم پوليو جو خاتمو نه ٿيڻ هڪ وڏو الميو آهي. پوليو جو هڪ به ڪيس اسان جي لاءِ وڏو نقصان جوڳو آهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته ٻارن کي پوليو کان بچائڻ جي لاءِ هر مهم ۾ حفاظتي قطرا ضرور پياريا وڃن. پوليو وائرس جي تدارڪ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدمن جو سلسلو جاري آهي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
1
+1