سماجي رابطن واري جڳ مشهور ويب سائيٽ فيسبڪ اهم فيچر پهرين آڪٽوبر کان ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته واهپيدار پهرين آڪٽوبر کان فيسبڪ تي ڪنهن به قسم جي نئين يا شيڊول لائيو شاپنگ ايونٽن جي ميزباني نه ڪري سگهندا.
واهپيدارلائيو ايونٽن کي جيتوڻيڪ نشر ڪرڻ لاءِ فيسبڪ لائيو جو استعمال ڪري سگهندا پر هو فيسبڪ لائيو ويڊيوز ۾ پروڊڪٽ پلي لسٽس ٺاهڻ يا پروڊڪٽس ٽيگ نه ڪري سگهندا.
رپورٽن موجب فيسبڪ تي لائيو اسٽريم ويڊيو واري ڪيئي فيچر ٽرائلز ۽ آزمائش بعد ٻن سال اڳ عوامي سطح تي متعارف ڪرايو ويو هو.
هي فيچر تخليق ڪارن ۽ برينڊز کي سامان وڪرو ڪرڻ، ناظرين ۽ امڪاني طور نون واهپيدارن سان جڙڻ جو رستو فراهم ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو هو.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
1
+1