لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ايشيا ڪپ ۽ نڌر لينڊ خلاف سيريز ۾ ڊراپ ڪيل حسن علي جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو آهي.
هڪ انٽرويو دوران اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ سليڪشن ڪميٽي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندو چيو ته حسن علي کي ورهين کان سڃاڻان ٿو، ڪيريئر ۾ ڪجهه مرحلا اهڙا ايندا آهن جڏهن رانديگر ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري سگهندو، پر کيس ڪجهه وقت آرام ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي.
هن چيو ته سليڪشن ڪميٽي حسن علي کي غيرضروري ميچز کيڏايون جن ۾ کيس آرام ڏيڻ گهرجي ها، پر ٽيم مئنيجمنٽ فاسٽ بالر کي هر ميچ کيڏائي، جنهن لاءِ هو ذهني طور تيار نه هو.
محمد حفيظ چيو ته منهنجي خيال ۾ ٽيم مان نيڪالي ملڻ تي حسن علي کي هاڪاري نموني سوچڻ گهرجي ۽ اهڙي صورتحال ۾ هو پنهنجي ڪٽنب سان وقت گذاري.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
1
+1