ڪراچي جي محمود آباد واري علائقي ۾ خانگي اسڪول ۾ شاگرد پاران پٿر هڻي زخمي ڪيل صحافي عرفان حيدر جي پنج ورهين جي پٽ اون حيدر واقعي جو خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد اسڪول ايجوڪيشن ۽ ليٽريسي ڊپارٽمنٽ جي ڊائريڪٽر جنرل نوٽيس وٺي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.جاچ ڪميٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن رفيع الدين ڊکڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ريجنل ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيوٽ انسٽيِٽيوٽ ڪراچي ريجن ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ممتاز حسين ڊائريڪٽر آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيوٽ اندسٽيٽيوٽ سنڌ شامل آهن.جاچ ڪميٽي اڄ دي سلويشن آرمي سيڪنڊري اسڪول پهچي جاچ ڪندي.صحافي عرفان حيدر جاچ ڪميٽي تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته شفاف جاچ ٿئي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿئي ته جئين لاپرواهي ڪندڙن کي سزا ملي. واضح رهي ته هڪ شاگرد عرفان حيدر شاهه جي پٽ اون حيدر کي پٿر هڻي زخمي ڪيو هو جنهن جو اسڪول انتظاميا والدين کي اطلاع ئي نه ڏنو هو ۽ ٻن ڪلاڪن تائين تڙپندڙ معصوم کي والدين موڪل ٽائيم تي کڻائي پوليس ليٽر وٺڻ بعد اسپتال مان علاج ڪرايو هو.