تاريخ تباھ تڏھن ٿيندي آهي، جڏھن ان کي سمجھڻ بدران غلط طريقن سان اھڙن جاھلن ۽ اڻ ڄاڻن کان تشريح ڪرائي وڃي، جن کي پنهنجي نسل جي به خبر نه ھجي تہ منھنجو ڏاڏو ڪٿان آيو ۽ ڪيئن آيو، اُھي وري نسل نبي آخر الزمان صلي الله عليه وسلم جي ٻَچڙن جا خون رائيگان ڪرڻ لاءِ پنھنجيون ھٿ ٺوڪيون ڳالھيون چوندي ٻڌائڻ ۾ اچن، باقي اھلِ رسول صلي الله عليه وسلم جي نسل ۾ بغض ۽ شرارت سياست جي ھئڻ جو کوڙو ئي نٿو لڳي، اُھي ته جنت جا سردار ھئا ۽ آھن ۽ رھندا محشر جي ميدان ۾، انھن جي نالن ۽ قربانين کي اسان پنهنجي مفادن جي ور چاڙهي اچڻ واري نسل کي غلط پيغام ڏئي رھيا آھيون.
اھلِ رسول جو گَھراڻو بخشش جي سوکڙي آھي، اُھي ڇا سمجھن لعنتن ۽ ملامتن جي چڪرن کي؟ اتي جيڪو به آيو بخشجي ويو، خطادارن جون خطائون معاف ڪرائڻ لاءِ ته قرباني ڏني وئي آھي، پر انھيءَ راز کي ڪير ته سمجھي، اسان ته بارود نفرتن جا جوڙيون پيا ڪوڙا ٺڪاؤ ڪريو، ڇا رسول صلي الله عليه وسلم جو خاندان امت کي تقسيم ڪرڻ جو سوچي سگھندو؟ ھا! فقظ منافقن کي ظاھر ڪري سگھجي ٿو اھو ته پاڻ آقا خود چئي ڇڏيو ته بغضِ علي سڃاڻپ آھي مومن ۽ منافق جي، اھا نشاني ھرڪو پاڻ ۾ ڳولي لڀي جيڪڏھن ڪو ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گھري ته اھا حديث بھترين نمونو آھي، باقي امت محمدي کي نه ورھائڻ کپي، صدين کان اُھي ڏھاڙا ايندا رھيا آھن انھن کي ڪنهن ڪھڙي ريت اھميت ڏني ڪنھن مڙئي ھڪ گذريل وقت وانگر وساري ويھي رھيو، اھو ھر ڪنھن جو نصيب بس غور فڪر سان سڀني غلط رواجن ۽ من گھڙت فڪرن ۽ فلسفن کان ھٽي ڪري قرآن پاڪ جي روشنيءَ ۾ ۽ فرمان رسول صلي الله عليه وسلم جي مطابق امام حسين عليه السلام جي شھادت ۽ ڪربلا کي سمجھڻ گھرجي، وڌيڪَ دربارِ يزيد ۾ خطاب پردہ نشين شھزادي بنت رسول صلي الله عليه ۽ امام سجاد ۽ ان تي ٿيل ظلم ستم کي سمجھڻ گھرجي پنهنجي دل تي ھٿ رکي، ڪنھن فرقي واريت جي سوچ کان مٿاھون ٿي، فرقا بعد جا آھن دين ته خطبه وداع جي وقت مڪمل ٿي چڪو ھو، فرقا پوءِ ڇا جا آھن سڀ؟
ڪربلا، ڪربلا ڇو ٿي ان جا اسباب ڪھڙا ھئا؟ ڪير ٿو پنهنجا معصوم ٻچڙا ۽ نوجوان پٽڙا ڪھائي ۽ گھر وارن حرمت جھڙن نياڻين کي الله جي پناھ ۾ اڪيلو ڇڏي، راضي رضا تي ٿي ويو آھي ڪو اھڙو جوان جو ائين ڪري، اسان سڀ پنهنجي انائيتن جي بنياد تي فيصلا ڪريون ٿا قاعدا قانون ٺاھيون ٿا، پر اوھان وٽ درس نبي سائين صلي الله عليه وسلم کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو قانون آھي.