الله پاڪ جي خلقيل نظارن سان خوبصورت، گلاب جي گلن سان خوشبودار ھن دنيا جا دستور تمام اوکا ۽ وڇون جي ڏنگ وانگر اھڙي ريت زھريلا ٿي پيا آھن جو ھن روح زمين تي آڪسيجن وٺندڙ ھر انسان موت جي ٽانگي تي سوار آهي. حسين نظارن منجھ ڪوماڻيل وجودن جو ھجوم آھي. جبلن تان ڪرندڙ چشما نازڪ ماڻھن جي اکين مان نڪتل ڳوڙھا آھن. ھڪ پرعزم شخص جيڪو پنھنجي جستجو ساڻ دنيا کي ڏسندڙ مختصر زندگي ۾ ڪجھ ڪرڻ چاھي ٿو پر دنيا جي اجاين ريتن ۽ رسمن اڳيان نہ چاهيندي به پنھنجي شڪست تسليم ڪري ڇڏي ٿو دراصل اھا شڪست جذبي جي نہ بلڪه ھڪ دفعو ملندڙ ھن خوبصورت نظارن کي ڏسندڙ ھن زندگي جي آھي جيڪا ڪنھن نازڪ ۽ حسين وجود جي جسم مان روح کي جدا ڪري ڇڏي ٿي. پنھنجي زندگي جي پاڻ خاتمي کي اسين خودڪشي چوندا آھيون پر درحقيقت اھو پنھنجو خاتمو پاڻ نہ بلڪه دنيا جي عجيب دستورن جي مٿي آھي. پر انھن ھزارين دليلن جي باوجود بي تمام نوجوان اھڙا پن آھن جيڪي غلط رستي جي چونڊ ڪري زندگي جي خاتمي ڪرڻ واري عمل کي سرانجام ڏيئي ويٺا. مستقبل ۾ ڪاميابي جي درست رستي کي منتخب ڪرڻ لا۽ تمام وڏي مشقت ۽ پنھنجو پاڻ کي سمجھڻ جي انتھائي سخت ضرورت آھي. پاڻ کي پرکڻ وارو عمل سوچڻ ۾ جيئن آسان لڳي پيو در حقيقت ايترو ئي ڏکيو آھي جيترو نانگن جي گھر مان ھزارين نانگن جي موجودگي ۾ انھن جي معصوم بچن کي جوڳي جو چورائڻ.اھڙي طريقي سان جان کي وڃائڻ جو خدشو ھوندي باوجود به جوڳي پنھنجي خوبصورت مھارت سان ڪنھن نه ڪنھن نانگ کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏي ٿو. ٺيڪ اھڙي طرح اسان کي پنھنجي ھنر مندي ذريعي پنھنجو پاڻ کي سمجھڻو آھي. جيتوڻيڪ اللہ پاڪ جي خلقيل ڪابہ شئي ناڪارا ناھي. ڪمتر کان ڪمتر ھڪ ننڍڙو ڪک بہ ڪڏھن ڪم ٿو اچي پوي تہ اشرف المخلوقات جي زمري ۾ ايندڙ ھڪ شعور رکندڙ انسان ڪيئن ٿو بيڪار ٿي سگھي. فقط اسان کي سمجھڻو اھو پوندو تہ ڪھڙي شعبي ۾ اسان کي آساني محسوس ٿئي ٿي. ھن دنيا ۾ ٿيندڙ ڪروڙين ڪمن مان ڪھڙو اوھان جي شخصيت تي باقائدگي سان معياري بيھي ٿو. بعض دفعا اسان نوجوان لاء انتھائي دلچسپي واري ڪم ۾ ناڪامي نا قابل برداشت جوڳي بڻجي پوندي آهي جنھن کان بعد ڪي شعور رکندڙ نوجوان انھي ڳالھ کي يڪدم پرکي وٺندا آھن تہ ھن ڪائنات جي مالڪ طرفان اھيو رستو اسان لاء منتخب ٿيو ئي ناھي پوء اھي درياء ۾ گھٽ پاڻي ھوندي باوجود بي پنھنجي جستجو جي ٻيڙي کي ڌڪي ڪاميابي جي ڪنھن نہ ڪنھن ڪڙ تي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن. تہ وري ڪجھ انھي شڪست کي پنھنجي سموري زندگي جي شڪست سمجھي وٺندا آھن. جيڪا سوچ بدقسمتي سان خودڪشي ذريعي انھن خوبصورت جوان جسمن کي، والدين جي پنھنجي اولاد ۾ نظر ايندڙ ھزارين اميدن کي، مستقبل ۾ چمڪندڙ ستاري کي ھميشہ لاء مٽي حوالي ڪري ڇڏي ٿي. دماغ مسلسل ھلندڙ سوچن جو گھر آھي، جنھن اندر ڪڏھن روشن مستقبل لاء گھربل جدوجهد جي سڌ پئي ڪبي آھي تہ ڪڏھن وري حال ۾ پست ڪندڙ مختلف سرگرمين کا آجيو ٿيڻ جي ڪوشش جاري رھندي آھي. مشڪل وقت ۾ موت جي نزديڪ ويندڙ اسان نوجوان اھو وساري ٿا ڇڏيون تہ ھن دنيا جي ڪارنھوار کي ھلائيندڙ تعجب ۾ وجھندڙ وڏيون وڏيون مشينون اسان منجھ ڪنھن انسان ئي تيار ڪيون آھن. چوڻ جو مقصد تہ اگر ھڪ انساني ذھن ايتري اعلي ڪم کي سرانجام ڏيئي ٿو سگھي تہ اسان صرف ھڪ مشڪل وقت حل ڇو نٿا ڳولي سگھون. ھر چال کان پھريان اسان کي فقط اھو ذھن نشين ڪرڻو آھي تہ ناڪامي ساڻ ئي ڪاميابي جو تصور آھي تنھنڪري اگر ھن دنيا ۾ رھي ڪامياب ٿيڻ چاھيون ٿا تہ ناڪام ٿيڻ کان بعد لاء بہ پڻ برداشت جي سگھ جمع ڪرڻي پوندي. جيئن جون جي گرمي ۾ ھڪ مزدور اس تي بيھي پنھنجن بچن کي دماغ ۾ رکي ڏکيو کان ڏکيو ڪم با آساني ڪري ٿو وجھي. ٺيڪ انھي طرح اسان کي صبر ۽ تحمل ساڻ دماغ ۾ ڪاميابي جو عڪس چٽي محنت ۽ جستجو تي زور ڏيڻو پوندو. ان کان علاوه اسان کي پنھنجي ذھن کي چست رکڻ جي پڻ سخت ضرورت آھي جيترو ذھن آرام ۽ تازگي جو بکايل ھوندو تہ اسان جو سمورو وجود اوترو ئي سٺين سوچن کان گھڻي مفاصلي تي دور ٿيندو رھندو. جئين الجيريا جي نامور ليکک البرٽ ڪاميو پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ اسان کي کپي تہ انھن تمام اجاين ڪمن کي ڇڏي فقط خوشي جو ڳولائو ٿيڻ گھرجي ڇاڪاڻ تہ ھي ذھن اگر باقائدگي سان اجاين سوچن کان آجو ھوندو تہ اسين ھر ڪم کي آساني سان سرانجام ڏيئي ٿا سگھون. ذھن جي تازگي انسان منجھ ناڪامي، ڏکي وقت، مسلسل رھندڙ پريشانين کي منھن ڏيڻ لاء سگھ پيدا ڪري ٿي ۽ اسان پنھنجي پاڻ خاتمي جي سوچ کي رد ڪري ھر دفعي وري جيئڻ لاء پرعزم ٿي ٿا پئون.