ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي پاران تازو ترقي ماڻيندڙ ٽي ڊي ايس پيز کي رينڪ لڳائي وئي، ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي تازو ترقي يافته ڊي ايس پيز سکر رينج منير احمد بگٽي، محمد رفيق سولنگي ۽ صفي الله سولنگي کي هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ رينڪ لڳائي رينڪ لڳائڻ واري تقريب ۾ ايس ايس پي سکهر سنگهار ملڪ پڻ شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي ترقي يافته ڊي ايس پيز کي مبارڪباد ڏني ۽ سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي کين هدايت ڪئي ته هو عوام جي خدمت کي اولين ترجيح ڏين.