ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن
بين الاقوامي دفاعي نمائش ۽ سيمينار 11 هين ايڊيشن – آئيڊياز 2022
اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ٻيو اجلاس
بين الاقوامي دفاعي نمائش ۽ سيمينار آئيڊياز پاڪستان ۾ ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن پاران منعقد ڪيل ٻه سالا ميگا نيشنل تقريب آهي.
سال 2000 ۾ پنهنجي شروعات کان وٺي، IDEAS دفاعي تعاون جي شعبي ۾ علم جي حصيداري ۽ تعاون واري منصوبن کي فروغ ڏيڻ لاء دفاعي صنعتڪارن، انٽرپرينئرز، فنانسرز ۽ اعلي سطحي پاليسي سازن جي بين الاقوامي گڏجاڻي جي طور تي ڪم ڪيو آهي.
ان اسٽريٽجڪ طور اهم تقريب جي قومي سطح تي جاري تيارين کي تيز ڪرڻ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ٻيو اجلاس 21 جولاءِ 2022ع تي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪئي.
جنهن ۾ وفاقي وزارتن جي سينيئر نمائندن، سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن، پاڪستان هٿياربند فوجن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ڊي پي او آفيسرن ۽ بدر ايڪسپو سلوشنز، ايونٽ مئنيجرن شرڪت ڪئي.
اجلاس جو مقصد پاڪستان جي هن وڏي تقريب کي عالمي معيار موجب منعقد ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ پيج تي آڻڻ هو.
پنهنجي خطاب ۾ سنڌ جي وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آئيڊياز جي 11هين ايڊيشن جي ميزباني خطي ۾ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ حوصلا افزائي لاءِ اسان جي عزم جو ثبوت آهي.
هي تقريب عالمي برادري سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي امن، استحڪام ۽ توازن جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
هن 2000ع کان وٺي آئيڊياز جي ڪامياب هلائڻ جو سبب مختلف سرڪاري کاتن، پاڪستان جي هٿياربند فوجن، سرڪاري-پرائيويٽ دفاعي صنعت، تجارتي ادارن ۽ وڏي حد تائين ڪراچي جي عوام جي ڀرپور مدد کي قرار ڏنو.
ڊي جي ڊي پي او ميجر جنرل محمد عارف ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته تقريب پنهنجي روايتن موجب وڏيون وڏيون سرگرميون منعقد ڪيون وينديون.
ان کان علاوه ڪراچي جي عوام لاءِ خاص طور تي سي ويو (نشان پاڪستان) تي آئيڊياز ڪراچي شو منعقد ڪيو ويندو.
.
اجلاس دوران سمورن سرڪاري ادارن ۽ کاتن پاران آئيڊياز 2022ع جي ڪامياب انعقاد لاءِ ڀرپور تعاون جو عزم ڪيو.