سنڌ جي ناليواري سياسي سماجي شخصيت عوامي پريس ڪلب ڪنب جي سينئر صحآفي صنم راڄپر سان لاڙڪاڻو خيرپور پل تي شهيد الاهي بخش ايس ايڇ او محمد عرس نوناري نشي ۾ ڌت ٿي لاڙڪاڻي کان ايندڙ ڪار روڪرائي , جنهن بعد صنم راڄپر کي زبردستي ٻانهن ۾ هٿ وجهي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي , صنم راڄپر جي ڀيڻ, سندس ڀيڻيوو , ڀائٽي ڀاڻيجي مزاحمت ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪار ۾ ويٺلن مٿان وحشياڻو تشدد ڪرڻ سان گڏ صنم کي پرائيويٽ ڪار ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي , صنم راڄپر ۽ ٻين رڙيون ڪيون جنهن بعد ڀرپاسي بيٺل ماڻهون پهتا , پر نشي ۾ ڌت ايس ايڇ او عرس نوناري ,منشي ٻيا اهلڪار لٺ بازي مڪا هڻڻ بعد زبردستي پوليس وين ۾ ويهاري ٿاڻي تي پهچي لاڪپ ۾ بند ڪيو جنهن وقعي جي سخت مذمت ڪجي ٿي اهڙن خيالن جو اظهار عوامي پريس ڪلب ڪنب جي صدر ناز سولنگي , سٽي پريس ڪلب جي صدر سيد زوار شاه حاڪم علي چنا , مجاهد حسين ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو هنن وڌيڪ چيو هڪ سماج سڌآرڪ سياسي شخصت صحآفي سان اهڙو ظلم ٿئي ۽ هو انصاف لاء واجهائي انصاف نه ملي ته پوء ڇا ڪجي , هنن وڌيڪ چيو ته اسان وزيراعلي سنڌ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ , ڊي آئي جي لاڙڪاڻه ايس ايس پي لاڙڪاڻه صنم راڄپر ۽ ٻين سان ٿيل زيادتي نو نوٽس وٺي صنم راڄپر سان انصاف ڪيو وڃي جيئن ٻي ڪنهن سنڌ جي ڄائي سان زيادتي نه ٿئي