رپورٽ (دانش راجپوت) ميرپور ماٿيلي ۾ مڇي کائڻ سبب بيهوش ٿيل گهر ڀاتين ۾ هڪ وڌيڪ نينگر فوت، انگ 2 ٿي ويو
ڳوٺ گھريو مھر ۾ مڇي کائڻ سبب بيھوش ٿيل 7 گھر ڀاتين مان ھڪ وڌيڪ نينگر دم ڏئي ڇڏيو، علي محمد جي دم ڏيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 2 ٿي ويو
زھريلي مڇي کائڻ سبب اڄ صبح جو 14 سالن جو احسان مھر فوت ٿي ويو ھو، جڏهن ته ٻيا گهر ڀاتي اسپتال ۾ داخل آهن
2 ڏينھن اڳ گھر ۾ مڇي کائڻ سبب گھر ڀاتين جي حالت خراب ٿي وئي، جن مان 2 ڄڻا احسان مھر ۽ علي محمد فوت ٿي ويا آھن
بيھوش ٿيلن ۾ فرمان، ساجدا، ناھيدا، خان محمد، شائسته ۽ شاھدا جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وئي