ڪراچي ( پريس رليز ) ڊائيڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ نزير حسين ڪلھوڙو مڊيا کي لمپي اسڪن بيماري جي باري ۾ تفصيل ٻڌا ئيندي چيو ته ھي بيماري اچتو 4مارچ تي پاڪستان ۾ ظاھر ٿي جنهن کي وفاقي حڪومت ڪنفرم ڪيو جنهن تي اسان جي صوبا ئي وزير سردار عبدالباري خان پتافي فوري طور ويڪسين ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا اسان سڪيٽري لا ئيو اسٽاڪ تميزالدين کھڙو جي اڳواڻي ۾ پوري سنڌ ۾18 لک 54 ھزار کان مٿي جي ويڪسين ڪري چڪا آھيون اسانجي ھن ويڪسين ٽيم ۾ 1043 ڊاڪٽر ۽ پيرامڊيڪل اسٽاف شامل آھن جيڪي ڏينهن رات ڪم ڪري رھيا آهن انشا الله جلد اسان ھن بيماري تي ڪنٽرول ڪري وينداسين ھن وقت نه ھوئيڻ جي برابر آهي اسان پنجاھ فيصد بيماري تي ڪنٽرول ڪري چڪا آھيون ھن چيو ته ٻاھرين ملڪن ۾ ھن بيماري مينهن رڍ ۽ ٻڪرين کي به جڪڙيو آهي پر ھت الله جو شڪر آھي سواء ڳا ئي مال کان ٻي ڪنهن به جانور ۾ نه پکڙي آهي ان بيماري جو خطرو انسان کي به ھرگز نه ٿيو آهي گوشت واپرا ئيڻ يا کير پئيڻ سان ھن وقت تائين 47 ھزار 215 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن 33132 صحتياب ٿي چڪا آھن 13245 انڊر ٽريٽمن آهن ھن بيماري وگھي اموات 540 ٿي آهي ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڳائي مالي جي آدم شماري جي مطابق تعداد ھڪ ڪروڙ آھي اسانجو ٽارگٽ چاليھ لک کي ويڪسين ڪرڻ آهي 10 کا 20 لک نچرلي امورنٽي اچي ويندي وائيرس پنهنجو فيلا و ختم ڪري ڇڏيندو اسانجون ٽيمون گھر گھر وڃي مال کي مفت ۾ ويڪسين ڏئين پيون ھن ھن چيو ته اسان ترڪي کان 40 لک ڊوز ويڪسين جا ورتا ڊاڪٽر نزير حسين ڪلھوڙو چيو ته اسان ھت سنڌ اينمل ھيلٿ انسٽيٽوٽ ڪراچي ۾ ھن ڊزيز جي ميڊسن تيارمقامي طور ڪري رھيا آھيون جيڪا اسان کي 15 فيصد ٻاھر کان گھٽ قيمت ۾ پوندي ايندڙ 9 مھينن ۾ تيار ٿي ويندي اگر خدا نه ڪري اھيا بيماري اڳتي گھڻي عرصي لا۽ رھي ٿي تي جيڪا اسان ميڊسن تيار ڪري رھياآھيون اھا ان بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد گار صابت ٿيندي ۽ ھن وائيرس جو خاتمو يقيني ٿيندو