نادر گل شيخ
زنده رهڻ لاء پاڻي جو هجڻ نهايت ئي ضروري آهي. پاڻي اسان جي بنيادي ضروت آهي. هر هڪ ڄاڻي ٿو ته جڏهن انسان جهنگ جي حياتي کان بيزار ٿيو ته هن پاڻي جي تلاش ڪئي پوء جتي به پاڻي جا آثار نظر ٿي آيا اتي هن بسيرو شروع ڪيو. ڇو ته زنده رهڻ لاء پاڻي جو هجڻ تمام ضروري آهي. پاڻي آهي ته حياتي آهي پوء ڀلي اهي انسان هجي حيوان, يا جيت جڻو اهي سڀئي پاڻي جي ڪري ئي ته زنده رهن ٿا. جيتوڻيڪ,هر هڪ ڄاڻي ٿو ته سنڌ هڪ زرعي خطو آهي. جيڪو صدين کان وٺي پاڻي جي وسيلي ئي سرسبز ۽ آباد رهندو پيو اچي. هتان جي ماڻهن جي 80 سيڪڙو رهڻي ڪهڻي زراعت تي ئي مشتمل آهي. هر فصل پاڻي تي ئي دارومدار رکن ٿا. پوء اهي سرء يا سانوڻي جا فصل فقط پاڻي تي ئي دارومدار رکن ٿا. جيترو پاڻي وڌيڪ هوندو اوترو ئي زراعت کي هٿي ملندي. ڏٺو وڃي ته هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي وڏي اڻاٺ آهي. سارين جي ٻيجاري جي مند مٿان آهي مگر هن وقت تائين پاڻي جي لپ به شاخن ۾ ناهي شاخن جي پيٽ ۾ واري ئي واري اڏرندي نظر اچي رهي آهي. اهڙي درد ڀري صورت حال هارن جو هانء ڏاري وڌو آهي. ڇاڪاڻ جو هتان ماروڙن, هارن, نارن جو دارومدار واحد پوک ڪرڻ ئي آهي. پوک ٿيندي ته هاري جي گهر ۾ چار داڻا ايندا هو ڪجه گذر سفر ڪري سگهندا سک جا چار سج هو سکيو ٽڪر کائندا. پاڻي جي اڻاٺ سبب فصل نه ٿي سگهندا, فصل نه ٿيڻ ڪري وڏو معاشي نقصان ٿيندو.
جيتوڻيڪ هي ڳاله ڳجهي ناهي ته سنڌوء درياء جي معنئ خيز حيثيت رهي آهي. تاريخ جي ورڪن ۾ اها ڳاله واضح طور تحرير ٿيل آهي ته هن درياء تي ويد لکيا ويا, هن دادلي درياء جي پوڄا ڪئي وئي, هن درياء جي جل ۾ شنان ڪري گناهن جي معافي ورتي وئي, هن ئي درياء کي ڪيترن ئي لقبن جهڙوڪ شينهن درياء دادلو درياء ۽ ديوتا جي لقبن سان ڪوٺيو ويو. سنڌو درياء ئي سنڌي قوم جي جياپي جو واحد وسيلو آهي. سنڌو جي وهڪرن ۾ سنڌي قوم جي جياپي جا آثار نظر ايندا آهن. هن سنڌو جي آب سان ئي سڪل زمين جو پيٽ سائو نظر ايندو آهي. اسان لاء سنڌ جو پاڻي آب ڪوثر جيان آهي. سنڌو درياء تي هٿرادو ڌاڙي لڳائڻ جي تاريخ پراڻي آهي. جنهن جو ڪو ئي به ازالو ناهي ٿيو. هر مند ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي اڻاٺ رهي ٿي. پاڻي جي صحيح طرح سان ونڊ ورڇ نه ٿيڻ ڪري سنڌ هميشه سوڪهڙي کي منهن ڏنو آهي. هتي ڀلي سرء هجي يا سانوڻي هتي هميشه کوٽ رهي ٿي. مٿان وري جيڪو پاڻ اچي ٿو پيو سنڌ اندر وري هڪ نئين سر ڌاڙو لڳي ٿو, هتان جا وڏا وڏا آبادگار ۽ زميندار ملي ڀڳت ڪري رهيل پاڻي کپائي خود پاڻي جي چوري ۾ ملوث لڳاپيا آهن. هڪ طرف پنجاب پاڻي تي ڌاڙو هڻي گهٽ مقدار ۾ پاڻي موڪلي ٿو. ٻئي طرف هتان جا ڏاڍا مڙس ڏاڍ سان قبضو ڪري هر سال سنڌ کي سوڪهڙي جي منهن ۾ ڏين ٿا.نتيجتن سنڌ جا پڇڙ وارا علائقا خشڪ سالي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. هڪ نوٽ ڪرڻ جي هي ڳاله پڻ آهي ته هتان جا چونڊيل نمائندا سرڪار ۽ آبپاشي وارن جي مهرباني سان غريب آبادگارن ۽ هارين جو بچيل پاڻي پنهنجي هٿردو ٺهرايل سم نالين ۽ واٽرن ۾ وهائي هزارين ايڪڙ پنهنجي زمين سائي ڪندا رهن ٿا. ايڏ وڏي ظلم تي ڪير به اڳتي نٿو اچي. سڀئي وڏا وڏا زميندار پاڻ ۾ ناجائز چوري جا تعلقات رکي سر سبز سنڌ کي بنجر بڻائڻ ۾ رڌل آهن.
هن وقت سنڌ جو ٻچو ٻچو پاڻي جي لاء ٻاڪاري رهيو آهي. سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان پاڻي جي کوٽ خلاف آواز بلند ٿي رهيا آهن. سنڌ هن وقت پياسي آهي. سنڌ جي سيني ۾ وڏي اساٽ آهي. ڪير نه ٿو ڄاڻي ته سنڌ ته سرسبز شادو و آباد هئي. سنڌ ته جنت جو روپ هئي. سنڌ ته برقتن ڀري زمين هئي. سنڌ ته سهڻي من مهڻي هئي. سنڌو ندي جو اهڙو ارهه آهي جو جنهن مان کير جون ڪيتريون ئي ڌرئون وهي هلن ٿيون. سنڌ جي هن پاڪ پوتر ڇاتين کي ڪٽڻ جو ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ اصل چهري کي اڳ ۾ ئي ڪوجهو بڻايو ويو آهي. سنڌ کي ان جو حساب ڪتاب ڏيڻ بجاء ڏاڍ مڙسي سان ڌاڙو جاري ساري آهي. سنڌ پياسي آهي سنڌ کي پاڻي جي ضروت آهي. سنڌ جي اڃ اجهائي وڃي. سنڌ پاڻي پاڻي پڪاري رهي آهي.ان کي سڏ ۾ سڏ ڏيو!