فياض حسين راجپر
اڄڪلھه جھڙي ترقي پذير جديد دور ۾ جتي انسان ھر ٽيڪنالاجي طرف وڃي رهيو آهي ۽ نيون نيون شيون ايجاد ڪري دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪري رھيو آھي اُتي اَسان جي ملڪ جا مسڪين ماڻهن ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن غربت جي ور چڙهيل سماج ڪيترن ماڻهن جا ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن. ھن دور ۾ امير امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي اقتدار جي حوس سياسي ڪامورا پنھنجا پيٽ ۽ گھر ڀرڻ ۾ پورا آهن سياست جھڙي نالي کي بدنام ڪندڙ سياسي ڪامورن سڄي سماج کي بي ايماني، ٺڳي، لالچ ۽ ڪرپشن جي ور چڙهي ڇڏيو آهي وڌندڙ مھانگائي غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي جيڪا ھن تائين گھٽ ٿيڻ جو نالو ڪونه ٿي وٺي وڌندڙ مھانگائي انسانن کي جيئڻ جي بدران مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي 14 سالن کان اقتدار ۾ آيل پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام کي 12 ھزارن جي آڙ ۾ انسان جي جانين تي غلام بڻائي وسيلن جي لٽ مار ڪندي رھي آھي اڄ تائين سنڌ جو ڪو علائقو، شھر ۽ ڳوٺ محفوظ ناھي پنھنجي شھر ۾ ننڌڻڪا ٿي ماريا وڃون ھن نفسا نفسي جي دور ۾ انسانن کي ائين پيو ماريو وڃي ڄڻ ته ڪنهن کي انسان مارڻ جو ٽارگيٽ مليل ھجي مس ھڪ لاش جو رت سڪي ئي ڪونه ٿو ته مٿان وري لاشن جو سلسلو شروع آهي سنڌ جا بدامني سبب ويران ٿيندا پيا وڃن سنڌ جا ڪيترائي علائقا بنيادي محروم بڻيل آهن روڊ رستا ڀڳل ٽٽل لڳا پيا آهن اگر ڪنھن ٻار کي نانگ ڏنگي وڃي ٿو يا ڪنھن عورت جي ڊليوري آهي ته رستن خراب ھجڻ سبب رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ٿي وڃي ٿو ووٽ جي آڙ ۾ غريب عوام جو قتلِ عام ٿي رھيو آھي اسپتال ڪوس گھر بڻيل آهن ڪا سھولت موجود ناھي خبر ناهي ته اسان ڪھڙي طرف وڃي رهيا آھيون ڪھڙن ڪھڙن سورن تي منھن مٿو پٽجي ملڪ ۾ آمريت جنم ورتو آهي جيڪا غريب عوام تي آھستي آھستي قابض ٿيندي پئي وڃي. اھڙن ڀيانڪ واقعن جو شڪار اسان جو ڳوٺ حاجي ڪرڙ تعلقو ڪوٽڏيجي ضلعو خيرپور ميرس به اھڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهي ھوءَ ته سڄي سنڌ اھڙن مسئلن جو شڪار بڻيل آهي جنھن لاءِ ڪيترا ڀيرا پڻ احتجاج به ڪيا ويا آهن پر ھن وقت تائين ڪوئي کڙ تيل ناهي نڪتو بنيادي سهولتن کان محروم ٿيل ڳوٺ حاجي ڪرڙ جتي گئس ۽ بجلي به ڪنھن معجزي طور آئي آهي نه ته ھٿان ماڻهو گئس کان به محروم ھئا جڏھن ته ھي سڄو علائقو پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي جتان پيپلز پارٽي ھميشه اڪثريت ۾ کٽيندي آئي آهي پر ھن وقت تائين ڪوبه پيپلزپارٽي جا سياسي اڳواڻ ڪڏهن به اُنھن غريب ماڻهن ڏانهن لڙي ڪونه آيا جيڪي عوام کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ اچي پنهنجي واعدن تان ڦري ويندا آھن ووٽ وٺڻ جي بھاني عوام کي سولر پليٽون ڏئي ووٽ گھرڻ لاءِ ڳوٺن ڏانهن رخ ڪري ڳوٺ وڏيري چوندا آهن ته پنهنجن ماڻهن جو ووٽ وٺرائي ڏيو پر جيڪو غريب ماڻهو ھر روز پنهنجي روزگار ۽ بنيادي سهولتن لاءِ دانھون ڪندو رھي ٿو سي حڪمرانن، سياسي ڪامورن، رئيس ۽ وڏيري کي نظر ڪونه ٿيون اچن جيڪي لاشن تي سياست ڪري پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن اڄ ڳوٺ اُھو ڪنھن عجائب خاني کان گھٽ ناھي آئي ڏينهن چوريون ڦرون ڌاڙا لڳا پيا آهن پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن کان سڄي عمر عوام کي ٺلھا آسرا ملندا آيا آهن نه صرف ايترو پر مستقبل جي معمارن جي تعليم کان محروم ڪيو ويو آهي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن ھاڻي ته جيئن بلدياتي اليڪشن جو زور ڀريو ته ڪاٽن فيشن سياسي ڪامورا جيڪي غريب عوام سان ھٿ ملائڻ به مناسب ناھي سمجهندا سي ووٽ جي لالچ ۾ عوام سان ڪوڙي ھمدردي ڏيکاري ٻيھر کڏ جي تري ۾ اڇلڻ لاءِ ھڪ دفعو ٻيھر اسڪرين تي نظر اچي رهيا آهن سڄي سڄو سال گم ھئا سنڌ جو عوام اوھان اميدون لاھي ويٺو آهي ھاڻي ڪوئي بھانو نه ھلندو ووٽ جي بدلي جيستائين بنيادي سهولتون نه ملنديون ووٽ نه ڏينداسين حڪمرانن جا ٺلھا آسرا ۽ وڏيون وڏيون تقريرون ٻڌي سنڌ جو عوام ھاڻي بيزار ٿي ويو جمھوريت جي آڙ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي لٽڻ بند ڪيو صدين کان ”روٽي ڪپڙا ۽ مڪان“ نعرو ٻڌندا آيا آھيون هر وقت تائين عمل ناهي ٿيو ويتر ھٿان جي حڪمران روٽي ڪپڙا ۽ مڪان ڏيڻ بجاءِ عوام کان کسي رھيا آهن اسان چئون ته خدارا! سنڌ ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن تي رحم ڪيو اگر اُنھن کي روزگار نٿا ڏئي سگهون ته اُنھن کان کيسو به نه جيڪا حڪومت آئي آهي سنڀي تقريرون ڪري پنج سال پورا ڪيا آهن ھاڻي ڪوئي بھانو نه ھلندو سنڌ جو عوام اوھان کي سمجهي چڪو آهي اُن لاءِ بھتر ٿيندو ته غريب عوام کي رليف ڏيو نڪي اُنھن کان روزگار کسي اُنهن کي موت جي منھن ۾ وجھو.