سيد غلام حيدر شاھ قلندري
جڏھن خاموشيءَ جي حرارت حدون پار ڪري انھيءَ ڪانٽي تائين پھچي ويندي آهي ته ضرور حساس ۽ شعورمند ماڻھن کي فڪر ۽ ڳتڻي ورائي ويندي آھي، جيئن ڏڪار ۽ قحط جي صورتحال ۾ جڏھن ڪڏھن ڪا ورلي (Sometime) ڪٿان کنوڻ جھڙي چمڪ نظر ايندي آهي ته، ڏسڻ وارا مالوند ۽ پاڻي جا ستايل آبادگار اٿي بيھي ائين نھاريندا آھن، جيئن عيد جو چنڊ ڏسڻ لاءِ نون ڪپڙن وارا بي روزائتا، جيئن اونداھي ڪاري ٻاٽ (Very Darkness) ۾ ھڪ چڻنگ روشنيءَ جي وڏي غنيمت سمجھي ويندي آهي، اصل ۾ منھن مھانڊا جسامت سڀني انسانن جي ھڪ جھڙي ٿيندي آهي، بس اميري غريبي، تخت بخت ڪجهه تقدير ڪجهه تدبيرن جا ڪرشما پنهنجي جڳهه، پر سوچ سمجهه، نعمت خداوندي آھي، ڪو انسان ذاتيات تائين محدود رھجي ويندو آھي، ڪو وري حساس دل رکندڙ (مطلب ته دل سڀني کي ھوندو آھي پر زندہ ۽ مرده دل ۾ فرق وڏو آھي) ائين اھو انسان انسانيت کان وٺي مذھب ڌرم، ملت قوم جو اوسيئڙو ھر وقت نمايان ھوندو آھي، اھا ٻي ڳالهه آھي جو ڪري ڪجهه ناھي به سگھبو پر وجھبو به آھي، حساس ڪنھن کي ڏک ۾ ڏسي ناھن سگھندا اڪيلا ٿي روئيندا آهن، نياڻين جي بي حرمتي ۽ حق تلفي کان وٺي معصوم ٻارڙن جون زندگيون ڳڙڪائڻ وارن تي ائين ملڪ ۽ قوم جو پئسو بي زر ذيان ٿيڻ ۽ مٿان مٿون حصا پتيون بڻجي تقسيم ٿيندي، وري انسانن جي گھڻائي جي ھوندي به ڪن مغرور ذھني دلي ڪمزور ۽ بخيل انسان وٽ مفلوج بڻيل سڄو معاشرو ۽ سماج، چون ٿا ته ڪو وقت چرٻٽ راجا ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا، پر ھاڻي ته ٽڪي سير عزتون انسانيت جو پائيمال پيون ٿين، محبوب سائين صلي الله عليه وسلم جن انصاف لاءِ وڏو ڪجھ فرمايو اٿن، اسان پنهنجو پاڻ سان به انصاف ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، ڪا پيمائش رھي ناھي يا ته اسان کان کسي ويئي آهي، سوچي سوچي پنهنجي افعالن ۾ وڏن ۽ جھونن ته وڃي گوڏا کوڙيا پر ھاڻي ته نئين نسل چاپلوسي وارا اڳوٺا وات ۾ ھڻيو منھن بند ڪري ويٺا آھن يا ته لاشعور ٿي ويا آھن، پر وري مونکي ھي خاموشي گونگي مينهن وانگر ستائي ضرور ٿي، سنياسي فقير واري ڳالهه اڄ سڀني خالو واري ھوٽل تي ويٺل اليڪشن وغيره جون خبرون ڪرڻ وارن کي ماٺ ڪرائي ڇڏي.