سکر(رپورٽر) سکر سيپڪو پاران بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون سيپڪو چيف ڪارروائين لاء پاڻ نڪري پيو سوسائٽي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪيترائي غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽا ايس ڊي او. لائين سپرنٽينڊنٽ ۽ لائين مين معطل ان سلسلي ۾ سيپڪو چيف سکر سعيد احمد ڏاوچ بجلي چورن خلاف ڪارروائين لاء پاڻ ميدان ۾ لھي آيو سکر جي سوسائٽي واري علائقي ۾ اسپيشل ٽيم ڇاپا ھڻي ڪيترائي غير قانوني ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا ۽ ڏنڊ وصول ڪيو ويو گڏو گڏ سيپڪو چيف بجلي چورن سان گڏ پنھنجي ملازمن کي به سزا ڏئي ڇڏي سيپڪو چيف پاران ڄاڻايل علائقي جي ايس ڊي او عرفان سومرو . لائين سپرنٽينڊنٽ خليق الرحمان . ۽ لائين مين خليل ڊومڪي کي معطل ڪري ڇڏيو آھي.