گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فلسطين ۾ اسرائيلي فوج ھٿان امريڪي عورت صحافڻ جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي
سلامتي ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو آھي تھ شيرين ابو عاقلھ جي قتل جي فوري، مڪمل، شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪئي وڃي
ياد رھي تھ ڪجھھ ڏينھن اڳ الجزيرھ ٽي وي سان واسطو رکندڙ صحافڻ شيرين ابو عاقلھ اسرائيلي فوج جي ڪارروائي جي ڪووريج دوران گولي لڳڻ سبب اجل جو شڪار ٿي ھئي