دوستي سڪونِ قلب آھي .
دوستي جي لغوي معني آھي پاڪيزه رشتو .دوستي ھڪ اھڙو رشتو آھي جيڪو دل جي اوڏڙو ھوندو آھي ، دوستي واري دل اھڙي دل بڻجي ويندي آھي جو ھر پرڏيھي ،ديسي بڻجي ويندو آھي ،اھا اھڙي سلطنت آھي جنھن ۾ نه ڪو سربراھ ھوندو آھي نه وري ڪو عبد ھوندو آھي،دوستي برپٽ کي باغ ، بزدل کي مانجھي مرد ۽ قيدي کي حُرُ بڻائيندي آھي. اھا آڪسيجن جيئان مکيه آھي ، جيئن ھوا ۾ آڪسيجن، نائٽروجن ۽ ٻيون گئسون مليل ھونديون آھن پر ان سڀين ۾ آڪسيجن وڌيڪ اوج تي آھي ائين ئي دنيا ۾ ڪيترائي رشتا آھن پر دوستي جو مان انھن سڀين کان مٿانھون ۽ آسمان تي آھن. اڪيلو انسان ان وڻ وانگر آھي جنھن ۾ پن ئي نه ھجن ،نه ڪنھن کي ڇانوَ ڏي ،نه ھوا ۽ نه وري ڪو ان جي ڀرسان بيھڻ پسند ڪري پر دوستي وارو انسان ان شاھين وانگر ھوندو آھي جيڪو ھميشه آسمان جو سير ڪندو آھي، دوستي وارو انسان اوتڙ به ھيجان ۽ بھادري سان پار ڪندو آھي ، دوستي گمراھ کي بيدار ڪندي آھي ، آس وارن جون مرادون پوريون ڪندي آھي ء جن جي زندگي جا ڏيئا اجھامي ويندا آھن انھن جي زندگي ۾ اجالا آڻيندي آھي، دوستي مڻيا ڏسي نه ٿيندي آھي پر دوستي ڀورڙن کي به مرحليوار مڻيادار بڻائي ڇڏيندي آھي، دوستي جھريل دلين کي جوڙڻ، پيار جي اساٽ رکندڙن جي اساٽ ميسارڻ ۽ خوشحالي جو نالو آھي
دوستين جو رشتو وڻ ۽ ان جي ٽاري وانگر ھوندو آھي جڏھن به غلطي سان ، طوفانن جي ڪري يا ڄاڻي واڻي ان ٽاري کي وڻ کان الڳ ڪبو آھي ته وڻ ۽ ٽاري ٻئي جھري ويندا آھن ۽ متوازن درد محسوس ڪندا آھن، دوستي اھڙا پرَ آھن جنھن ذريعي اوھان آسمان گھمي سگھو ٿا ۽ اھا اھڙي ٻيڙي آھي جيڪا ڏکين جو سمنڊ به آساني سان پار ڪرائيندي آھي .جيئن نانگ جي طاقت ان جو زھر آھي ، شينھن جي طاقت ان جا ڏند آھن ء شاھين جي طاقت ان جا پرَ آھن ائين ئي انسان جي طاقت دوستي آھي .دوستي اھڙو آئينو آھي جيڪو ھميشه حقيقت ڏيکاريندو آھي ۽ ٽٽڻ کانپوء زخم ڏيندو آھي،
زندگي ۾ ڪيترائي ماڻھون اسان سان ملندا آھن پر اسان سڀين کي پنھنجو دوست نه ٿا چئي سگھون ، ڪجھ انسان سماج ۾ باھ ٻارڻ لاء ئي ھوندا آھن اسان اھڙين انسانن کي دوست نه ٿا چئي سگھون ، اھي دوست نه بلڪه محتاجي جي خندق ھوندا آھن ، جيڪي ھميشه ٻين کي آڻ ڏيڻ پسند ڪندا آھن ، بغاوت ڪندا آھن ،انگبازي وارو لاڳاپو رکندا آھن ، غمن تي زخم ڀري انھن کي ٽھڪائيندا آھن ،اھي گند جا ڀڙا ۽ ويران رستا ھوندا آھن ، ھميشه ڪاھلي ڪندا آھن ، ٻين جي وچ م جڳھڙو پيدا ڪري تماشي جو مزو وٺندا آھن ،پنھنجي مطلب خاطر ٻين کي استعمال ڪندا آھن ،پر ماھيت م اھا دوستي نه آھي اھڙا انسان صرف اوھان جو ۽ پنھنجو وقت ضايع ڪرڻ ايندا آھن ،
دوستي لمبي راتين کي وھامي ڇڏيندي آ، ڏک جي آڳ اجھامي ڇڏيندي آ ۽ اوندھ مان ئي باکون ڦٽائيندي آ، دوستي جو رشتو آب زمزم وانگر پاڪ ھوندو آھي جو ڪنھن عام پاڻي کي بہ پاڪ بڻائي ڇڏيندو آھي، اھو رشتو جبلن ڏونگرن وانگر طاقتور ھوندو آھي ۽ ھر طوفان کي بھادري سان منھن ڏيندو آھي .
ھڪ دوست ڪڏھن تلوار بڻجي ٻئي دوست جون برائن ۽ بدِن جو سر وڍيندو آھي تہ ڪڏھن ڍال بڻجي ان جي طرف ايندڙ ٻين خراب عادتن کان ان جي حفاظت ڪندو آھي،
ھر انسان جي زندگي ۾ دوست ھجڻ لازمي آھن پر اھي دوست سٺي اخلاق وارا ھجن ، انسان جي سڃاڻپ ان جي دوستي سان ٿيندي آھي جيڪڏھن اوھان ٻٻر سان دوستي رکندؤ تہ نتيجي ۾ اوھان کي ڪنڊن جا زخم ئي ملندا پر اگر اوھان انب سان دوستي رکندؤ تہ اوھان کي نتيجي ۾ مٺو انب ملندو، ھميشہ پنھنجي آسپاس واري ماحول کي دوستاڻو بڻايو ۽ ان ماحول مان ڪجھ نئون ۽ سٺو سکو ڇو جو اگر اوھان دوست وڌائڻ جي معاملي ۾ ھڪ يا ٻہ غلط دوست ڪري ڇڏيا تہ اھي سڄي دوستي جي مٺاڻ کي ڪوڙي زھر ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا.
ھميشہ اھڙا دوست ھجن جيڪي دل جو سڪون ھجن ۽ حقيقت ۾ دوستي نالو ئي سڪون ۽ راحت جو آھي نہ ڪي پريشاني ۽ اختلافن جو.
بھتر ، خوشگوار ۽ دوستاڻو ماحول بڻائي امن جي جھنڊي کي اوج تي پهچايون.
ابرار علي سمون