ڪالم
لڪيرن جا ليک جي ڪڙي
ٻوڙن کي ٻڌائڻ لاءِ، گونگن وٺي گوڙ ڪيو
ھن جديد دؤر ۾ جديد انسانن کي جڏھن پاڻ کان گھٽ درجي جي ماڻھن جا ويچار يا چوڻيون ٻڌڻيون پون ٿيون، پوءِ ھڪ نئي چوڻي اڄڪلهه عام آھي ته صاحب جو بلڊ پريشر جيڪو 120/80 تائين ھئڻ گھرجي ھا، اچتو وڌي ويو! ڇو جو ھڪ نئين گھر ۾ پھرئين گڏجاڻي ۾ صاحب پڇيو ته ھي گڏجاڻي ھي بيٺڪ مون اوھان جي مسئلن جي حل ڪرڻ خاطر خريدي آھي، جيئن اوھان جا مسئلا حل ڪري سگھجن، اُتي ويٺل ھڪ ماڻھو جنهن کي سماج چريو سمجهي ٿو يعني گونگو ڄاڻي ٿو، ھڪدم اٿي بيھي پڇي ٿو، صاحب وڏا توھان ڪجهه وقت اڳئي ھڪ ننڍڙي پرائيويٽ نوڪريءَ ۾ تمام مختصر ڏھاڙي تي مزدور هوندا ھئا ھي بيٺڪ اوچتو ڪٿان ھٿ آئي؟ ته ڪجهه ٻوڙن ڪنڌ ھيٺ ڪري چيو ھي گونگو ڇا پيو چوي، پر صاحب ۽ سندس والد کي ھڪدم جديد ھٿ ۾ ٻڌل گھڙي واچ تي نھارڻ بعد خبر پئي ته نبض 70-100 کان ڪراس ڪري ويئي آهي، يعني خطري جي گھنٽي وڄي ويئي ۽ جسم جي درجا حرارت 37 – 36.8 کان ٽپي ويو سو به يک اي سي روم ۾، پر ويچارڙو گونگو چپ ٿي ويو، ٻوڙن سڀني گڏجي واهه واهه ۽ تاڙيون وڄايون پر صاحب کي انھن لفظن صفا ٻوڙي ڇڏيو، ونگاري ڊاڪٽر ڊجيٽل شوگر چيڪ ڪئي ته جيڪا 130/70 ھئڻ گھرجي صفا وڃي پٽ لڳي، چڪر اچڻ شروع ٿي ويا صاحب کي، ڳاڙھو خون 6-4.50 ملين ھئڻ کپي، پر سفيد خون جا خليات 11000-4000 کان به وڌي ويا تڏھن ته ڏاھا چون ٿا ھمراهه جو خون سفيد ٿي ويو آھي، مطلب ته ھڪ گونگي اڻڄائي ۾ ٻوڙن جي مجموعي ۾ ٻٽاڪي ۽ جلدي ۾ امير ۽ اڳواڻ ٿيل صاحب جا واڄٽ وڄائي ڇڏيا، ڇو ته دولت ۽ پاور جي نشي ۾ اھڙا پڇ ڊاھيا بي نسل نوان شوقين جنهن ھميشه اسان جي سماج ۽ معاشري کي لالچن ۽ داٻن جي ذريعي گونگو ۽ ٻوڙو ٺاھي ڇڏيو آهي، پر اھو به ياد رکن ڪڏھن ڪڏھن ٻوڙا ٻڌيو وڃن ٿا ۽ گونگا به ڳالھايو وجھن ٿا، ان وڏي رش ۾ جتي اوھان کي پنھنجا پٽڪا واٺن جي حوالي ڪري کُڙين تي زور ڏيڻو نه پوي، سوشل ميڊيا به جديد ڪري ڇڏيو آھي گونگن ۽ ٻوڙن کي اھڙا آلات نصب ڪرائي ڇڏيا آھن جو ڪڏھن ڪڏھن ٻڌيو به وڃن ۽ ڳالھايو به وڃن.
سيد غلام حيدر شاھ قلندري