سنجرچانگ ۾ پنجون شهيد راڻي بينظير ڀٽو نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري ، جنهن ۾ رائونڊ جو پهريون ميچ چمبڙ اليون ۽ ڪپري موري ۾
مقابلو ٿيو ،
چمبڙ اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي صرف 69 رنسون ٺاهي سگهي جنهن ۾ رحمان 29 ۽ سعيد 18 رنسون ٺاهيون
جواب ۾ ڪپري اليون صرف ٽن اورن ۾ بنا ڪنهن وڪٽ جي نقصان تي مليل حدف پورو ڪري 10 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي،
ڪپري موري جي بلي بازن وحيد پٺاڻ 29 رنسون ۽ راشد 19 رنسون ٺاهيون
رائونڊ جي ٻئي مئچ ۾ شهيد اڪبر ميرپورخاص ۽ نصرپور اليون ۾ مقابلو ٿيو
شھيد اڪبر ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 8 اورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي
جنهن ۾ اوپنر بلي باز اويس پٺاڻ ۽ متين ڌوهاندار بلي بازي ڪندي 100 رنسن جي پاٽنرشپ ڪئي، جنهن ۾ اويس 8 ڇڪن جي مدد سان 70 رنسون ۽ متين 7 ڇڪن جي مدد سان 46 رنسون ۽ هني هاليپوٽي 32 رنسون ٺاهيون،
جواب ۾ نصرپور اليون 8 اورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 95 رنسون ٺاهي سگهي
شھيد اڪبر 76 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي
شھيد اڪبر اوپنر بلي باز اويس پاران ففٽي سان گڏ ھڪ ئي اور ۾ 6 ڇڪا هڻڻ جي اعزاز سان گڏ شاندار اننگ کيڏڻ ۽ مين آف دي ميچ ملڻ تي مهمانن
مرتضي ڀٽي 8 هزار رپيا انور ڪمڀار ، يونس پنهور، مرتضي ڀٽي، رفيق رند غلام رسول بروهي ۽ ٻين ٽوٽل 16 هزار روپيا ڪيش انعام سان نوازيو ويو
هي ٽورنامينٽ شڪيل احمد پنهور، سهيل احمد، زبير احمد پنهور ۽ شعيب پنهور پاران ارگنائز ڪيو ويو هي ٽورنامينٽ ناڪ آئوٽ سسٽم تي رکيو ويو آهي جنهن سنڌ جي مختلف شهرن جي ٽيمن حصو ورتو آهي