پ پ سکر ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي حاجي انور خان مهر جي جناز نماز ادا ڪرڻ بعد کيس سوين آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي، پ پ پ سکر ڊويزن جو صدر اڳوڻي ايم پي اي حاجي انور خان مهر گذريل ڏينهن ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو، جنهن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي ڳوٺ تماچاڻي جي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڳوٺ تماچاڻي ۾ جناز نماز ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، ايم اين اي غوث بخش خان مهر، ايم پي اي شهريار مهر، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ، معاون خاص ارسلان اسلام شيخ، جاويد حسين شاھ . اڳوڻو ضلع ناظم عارف خان مهر، اڳوڻي صوبائي وزير سيد اويس شاهه ۽ ايم پي اي فرخ شاھ ٻين اڳواڻن ،علائقي واسين شرڪت ڪئي، ڀٽائي جي پارکو اديب حاجي انور مهر جو جنازو کڄڻ وقت ڀٽائي جا بيت پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1