شڪارپور هائوس تي مڪاني چونڊن جي ممڪنه اميدوارن ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ وقتي گورنر سنڌ ۽ اسپيڪر صوبائي اسيمبلي آغا سراج خان دراني، صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ، وفاقي وزير نجڪاري ۽ پ پ پ ضلعي صدر مير عابد خان ڀيو، پ پ پ ضلعي شڪارپور سيڪريٽري ذوالفقار خان ڪماريو، پ پ پ اڳواڻ مقبول احمد شيخ، فراز احمد شيخ، شهاب خان ڀيو، ڪامران خان مهر، قاضي نعيم اڪبر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
گڏجاڻيءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وقتي گورنر ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج خان دراني چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مڪاني اليڪشن منعقد ٿيڻ مهل هميشه اميدوارن کان درخواستون گهرائيندي آهي ان سلسلي ۾ اڄ گڏجاڻي ڪئي. جنهن تحت اميدوارن جي درخواستن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ اهي درخواستون مٿي ليڊرشپ کي موڪليون وينديون ۽ حتمي فيصلي بعد اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪئي ويندي. ان مڪاني قانون ۾ ترميم بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ بلدياتي قانون جي هڪ سيڪشن ۾ ترميم جو فيصلو ڏنو آهي. جيڪو پارٽين جي مشاورت بعد قانون جي وزارت، اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندي، جنهن بعد ان جي منظوري ڏني ويندي ۽ ان ترميم جو تعلق اليڪشن سان ناهي. هن چيو ته پ پ ضلعي شڪارپور ۾ ڪوبه اختلاف ناهي ۽ اتفاق سان اميدوار بيهاريا ويندا ۽ پارٽيءَ جي فيصلي جي خلاف ورزي ڪندڙ خلاف پارٽي قدم کڻندي. وقتي گورنر مڪاني اليڪشن جي ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته هو ڪو جلسو نه ڪري رهيا آهن بلڪه پارٽيءَ بابت صلاح مشورو ڪري رهيا آهن جيڪو ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي خلاف ورزي ناهي. صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو ته مڪاني چونڊن بابت ڪجهه فيصلا نئين ديري ۾ ڪيا ويا، جڏهن ته ڳڙهي ياسين بابت هتي معاملا حل ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته لوڪل اليڪشن ۾ جتي لوڪل اتحاد جي ضرورت ٿي اتي اتحاد ڪنداسين ان لاءِ مٿان اجازت ورتي آهي جيئن لکي غلام شاهه ۾ جي يو آءِ سان اتحاد ٿيو آهي. هن چيو ته ڪوبه اميدوار پارٽيءَ جي فيصلي سان اختلاف نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سنڌ دشمن آهن ۽ اڳئين اليڪشن وانگر سنڌ جا ماڻهو پي ٽي آءِ کي مسترد ڪندا. صحافين سان ڳالهائيندي پ پ ضلعي شڪارپور صدر ۽ وفاقي وزير نجڪاري عابد خان ڀيو چيو ته ضلعي شڪارپور جي پ پ اڳواڻن ۾ ڪوبه اختلاف گڏيل صلاح ۽ اتفاق راءِ سان اميدوار بيهاريا ويندا ۽ سڄي ضلعي ۾ پ پ اميدوار ڪامياب ٿيندا. جڏهن ته اليڪشن بعد ضلعي چيئرمين، ميونسپل چيئرمين ۽ ٽائون چيئرمينن جو فيصلو پارٽي جي مرڪزي قيادت ڪندي. گڏجاڻيءَ ۾ پ پ جي هيٺين سطح جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي
مڪاني چونڊن لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون آهن. منظوريءَ لاءِ مٿي موڪلينداسين.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1
Leave a comment