ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ عيد جي پهرين ڏينهن مختلف روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا
پوليس موجب گلشن اقبال يونيورسٽي روڊ، لياقت آباد ۽ اسٽيل ٽائون لنڪ روڊ تي حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪٽي پهاڙي تي ٽريفڪ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا
پوليس موجب بلديا ۾ حب چيڪ پوسٽ ويجهو حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جيل چورنگي وٽ موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، ان کان علاوه مختلف گاڏين ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويا جڏهن ته اڪثر زخمين کي طبي امداد بعد گهر روانو ڪيو ويو
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1