مٺي: (اربع 04 مئي 2022ع) مٺي ويجهو ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ ڦل کوهي ۾ عيد جي ٻئي ڏهاڙي تي نهڙيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ 2 سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.
ان حوالي سان مقامي ڳوٺاڻن صحافين کي اطلاع ڏنو ته نهڙيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 2 سڳا ڀائر خالقڏنو نهڙيو، رازق ڏنو نهڙيو ۽ عطاءُالله مارجي ويا آهن. جڏهن ته ڏيپلو پوليس سان رابطي ڪرڻ تي پوليس جو چوڻ هو ته جهيڙي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي اسان کي 2 ڀائرن جي قتل ۽ ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. اسان سرزمين تي وڃون پيا وڌيڪ جاچ کان پوءِ ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو.
علائقي واسين موجب ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن جنهن سبب وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي. جهيڙي واري هنڌ پوليس جي نه پهچڻ سبب ٻنهي ڌرين طرفان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1