ڪابل: (ڇنڇر 26 مارچ 2022ع) افغانستان ۾ ڇوڪرين جا اسڪول ٻيهر بند ڪرڻ خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب افغانستان ۾ ڇوڪرين جا سيڪنڊري اسڪول کلڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ٻيهر بند ٿيڻ خلاف شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا. پلي ڪارڊن تي اسڪولن کي کوليو جا نعرا لکيل هئا.
گذريل هفتي طالبان حڪومت طرفان شاگردن جا اسڪول کوليا ويا هئا پر اسڪولن کي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ٻيهر بند ڪيو ويو جنهن تي شاگردن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي هئي. افغان حڪومت طرفان اسڪولن کي بند ڪرڻ جو ڪوبه سبب ناهي ٻڌايو ويو
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1