ڪيپ ٽائون: (سومر 18 اپريل 2022ع)ڏکڻ آفريڪا ۾ ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن جنهن ۾ هينئر تائين 443 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ آفريڪا جي ڏاکڻي اوڀرين سامونڊي علائقي ۾ ايندڙ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن ۾ اختيارين هينئر تائين 443 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃان تائين گم آهن.
ڏکڻ اوڀر صوبي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته آچر جي ڏينهن 2 ريسڪيو اهلڪار به فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 63 ڄڻن جي اڃان تائين ڪابه خبر نه آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي ڏکڻ آفريڪا جي صوبي ڪوازولوناتل ۾ تيز برساتن سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي جڏهن ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ سامونڊي شهر ڊربن ۾ وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن جتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي.
ٻوڏ جي نتيجي ۾ اسپتالون ۽ 500 جي ويجهو اسڪولز مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن. صوبائي اختيارين فوتگين، گهرن جي تباهي ۽ انفرااسٽرڪچر جي تباهين کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ڏکڻ آفريڪا ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، چار سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
1
+1
Leave a comment