بيجنگ: (اربع 27 اپريل 2022ع) چين جي پرڏيهي وزارت ڪراچي يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ خودڪش ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. چيني پرڏيهي وزارت ڪراچي ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته چين هن وڏي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت، ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو.
چيني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ڪراچي ڌماڪي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جو رت رائيگان نه وڃڻ گهرجي. ڪراچي ۾ چيني شهرين مٿان حملو ڪندڙن کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني طرفان به ڪراچي ڌماڪي جي مذمت ڪندي پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بنائڻ جي لاءِ بهتر قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
چيني سفارتخاني چيو آهي ته پاڪستان مستقبل ۾ اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ يقيني بنائي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
2
+1