خيرپور (بيورو رپورٽ) ضلعي خيرپور جي تعلقي ٺڙي ميرواه جي رهواسي رجب علي ولد الله ورايو ملاح زرئي زمين تي جوابدار نياز ولد الله ورايو ملاح پاران قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاجي مظاهرو ڪندڙ رجب علي ميڊيا آڏو داهيندي چيو ته آء مسڪين غريب ۽ پورهيت شخص آهيان منهنجا ننڍڙا ٻچا آهن. هن وقت ڏاڍو پريشان حال آهيان ڇو جو ڄاڻايل جوابدار منهنجو ڀاء منهنجي زمين جو حصو ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي ۽ هو سموري زمين تي قبضو ڪيون ويٺو آهي ۽ الٽو مون تي گاريون گند ۽ ڌمڪيون ڏيڻ سميت مون سان وڙهي مون مٿان سخت تشدد پڻ ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙ رجب علي ولد الله ورايو ملاح چيو ته آء ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ٿو ڪريان ته معاملي جو نوٽس وٺي، جوابدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏو گڏ ڄاڻايل منهنجي زمين مان منهنجو حصو وٺي ڏنو وڃي.