ڪالم
لڪيرن جا ليک جي ڪڙي
بلدياتي بادل
رات چاچي چپڙ ڪنھن ڪچهري ۾ ڳالهه اڇلائي ته ڪاڪو قادن تولو مولو جي ھٿان خدن خفتي کي ڌمڪي آميز مراسلو موڪيلو آھي، جيڪڏهن منهنجي پينل کي سامھون فارم ڀرائڻ جي ڪوشش ڪندي ته خبردار رھ، بک مرندين، سڀ ڪُڙمي ۽ ڪمدار منهنجا رکيل اٿئي، راڄ ڀاڳ وارا وڏيرا منهنجا خريديل اٿئي، سيٺ ڇمڪا منهنجي چوڻ تي ھلندا آھن، ڪامورا داڻو پاڻي مون کان کڻندا آھن، مٿي رسائي وارو آئون آھيان، تون مسڪين جو ٻار، اھو ٺيڪ آھي جو تنھنجو پاڙو توسان ٻڌل آھي، تنھنجو اٿڻ ويھڻ ڪردار سٺو آهي، ماڻھو پسند ڪن ٿا، پر ياد رک عوام دٻدٻو به پسند ڪري ٿي، پيٽرول ھاڻي ٻه سؤ ڪراس ڪندو، تون واري ڦٽڦٽي به ڪون منھن ڏئي سگھندي، آئون ويگو ۾ ھلندس، پويان ڊالا واٺن سان ڀري، بندوقن جي ڌمالن سان، پوءِ ڏسان ٿو ته تو وٽ ڪير ٿو اچي، تو وارا ساٿي سڀ زرعي ترقياتي بئنڪ جا مقروض آھن، جتي نوان پراڻا قرض ڪرائي ڪرائي گروي ٿي ويا آھن، آئون انھن جي وقتي طرح ڪجهه ڏينهن لاءِ گروي ھلڪي ڪرائيندس ۽ فٽفٽين ۾ تيل به ھڻائيندس ۽ ڳاڙھا ڦڪا ٻوڙ به کارائيندس، بھتر آھي، تون گھر جھل، تنھنجي ٻنيءَ لاءِ وڏي صاحب کي چئي رعايت وٺرائي ڏيندس، ٻين جو دماغ خراب نه ڪر، سمجھان ٿو سمجھي ويندي، چاچي چپڙ اھا ڳالھه خالو ھوٽل واري کي ٻڌائي، يار ھل ته ھلي خدن خفتي کان حال احوال وٺون، ڇڏ کڻي خواري جي واٽ کي، اڳئي به ڪاڪو قادن بکيو آھي جو وري ٿو وڇُون (Calves) پالي ڀلي وڃين مينهون وٺي، اڳئي دفع وارن ڇا ڪيو جو ھيل وري انھن عھدن تي مرڪندا، بس بي وقوفي جو تماشو آھي، ٻڌي ته خاڪرو (Sweeper) به ڪون ٿو، ھي بلدياتي اليڪشن ناھي، بس بدلي وارا بادل ۽ راڄ ويڙاھو تماشو اٿئو، جنھن به ھن راند کي سمجھيو اھو ڪامياب ٿي ويو، جنھن ھن کي واقعي اليڪشن ڪري ڄاتو اھو شيطاني ڄار ۾ ٽنگجي پيو.
سيد غلام حيدر شاھ قلندري