آرٽيڪل
ٿرديپ مائيڪرو فنانس فائونڊيشن ادارو هڪ عوامي ناسور بڻجي سماج اندر ناڪاري اثر وجهڻ جو باعث بنجڻ لڳو…!؟؟؟؟؟
ليکڪ
(وحيد ڀرڳڙي)
پيارو اسٽيشن
اڄڪله ملڪ اندر عوام جي بهبود ڀلائي ۽ ترقي و سڌاري ڪاڻ هزارن جي تعداد ۾ اين جي اوز ۽ مختلف نالن سان منسوب فائونڊيشن عوام کي رليف ڏيارڻ لاء فنڊنگ ذريعي ڪافي پروگرامن تحت ڪم ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جن مان ڪٿي ڪٿي عوام کي انهن جي پراجيڪٽن مان لاڀ ميسر ٿي رهيو آهي ته ڪٿي ڪٿي وري انهن جا پراجيڪٽ عوام لاء مٿي جو سور بڻيل آهن هن وقت سنڌ جي مخلتف ضلعن ۾ مائيڪروفناس فائونڊيشن ۽ مائيڪرو فنانس بنئڪون ماڻهن کي ننڍن ننڍن قرضن جون سهولتون ڪاروبار ڪرڻ ۽ ان کي وڌائڻ ڪاڻ پنهنجي گهربل پاليسي موجب طئي ٿيل مارڪ اپ تحت ڏئي انهن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جن ۾ خوشحالي بنئڪ مائيڪرو فنانس , ٽيلنار بنئڪ مائيڪرو فنانس يو بنئڪ مائيڪروفنانس ٿرديپ مائيڪروفنانس فائونڊيشن ۽ ٻيون ڪافي فائونڊيشن ۽ مائيڪرو فنانس بنئڪون شامل آهن پر اڄڪله ٿرديپ مائيڪرو فنانس فائونڊيشن جو ڪم ۽ قرض ڏيڻ جو طريقيڪار جيترو تيزي ساڻ وڌڻ لڳو آهي ته ايترو ئي تيزي ساڻ غريب عوام مجبوري جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماروئڙن ۽ ان اداري ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ امڙ جي پڙهيل لکيل نوجوان غريب طبقي سان وابستگي رکندڙ ورڪرن لاء به تذليل ۽ پريشاني جو باعث ساڳي رفتار سان ٿيڻ لڳي آهي ٿرديپ مائيڪروفنانس فائونڊيشن جي شروعات ٿر مان ٿي هئي جتي ڪجه ساڃاه وند انسان دوست انسانيت جو درد رکندڙ ڪجه شخصيتن پنهنجي شهر جي غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي مدد ڪاڻ ساٿ ڏيڻ ۽ شعور بيدار ڪرڻ ڪاڻ هڪ ننڍڙو ٻوٽو لڳايو هيو انهن سماج سڌارڪن جو لڳايل هي ٻوٽو سچائي نيڪ نيتي ۽ خلق خدمت جي جذبي سان سرشار بڻجي پنهنجي مدد پاڻ تحت شهرين جي ڪم اچڻ لڳو هيو انهن کي ڪاروبار جون سهولتون ميسر ڪري ڏيڻ هارين کي ٻج ڀاڻ جي لاء ننڍا ننڍا قرض ڏئي انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ شروع ڪيو جيڪو ڪم اڳتي وڌندو ٿر مان وڃي سنڌ جي ٻين ضلعن تائين پهتو ۽ ڪاميابي سان هڪ ادارو بڻجي ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ پروگرام جو نان حاصل ڪري ڇڏيائين رجسٽرڊ ٿيڻ کانپوء هن اداري سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ پٺتي پيل ڳوٺن ۾ ننڍيون ننڍيون عوامي اسڪيمون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ پٺتي پيل ماروئڙن ۾ شعور بيدار ڪري هنن ۾ سماجي رهڻي ڪهڻي بنيادي حقوق جي پرچار ڪرڻ خاطر ۽ ٽريننگ سيشن وارا پروگرام ڪرائي غريب خاندانن جي مالي سهائتا پڻ ڪرڻ لڳا هيا جيڪو هنن جو هڪ بهترين ڀلائي وارو ڪم ۽ عمل هيو جنهن جي ساراه ڪرڻ لازم آهي ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ پروگرام تحت جتي سماجي سڌاري ۽ بهبود ڪاڻ هن اداري جا پراجيڪٽ بهتر نموني سان هلي ڪامياب بنجڻ لڳا ته اتي وري وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي هن اداري پنهنجي پروگرام کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو ۽ ٿرديپ مائيڪرو فنانس فائونڊيشن جو الڳ ٻوٽو لڳايو جنهن جو ڪم پنهنجي چونڊيل ضلعن ۾ شهرين کي قرض جون سهولتون مارڪ اپ تي آساني سان فراهم ڪرڻ لڳا ٿرديپ مائيڪروفنانس فائونڊيشن باقائدگي سان پنهنجون آفيسون طئي ٿيل لوڪيشنن تي کولي سوين بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ ڪاڻ ملازمت طور قابليت جي بنيادن تي رکي هنن کي آسان قسطن تي قرض ڏيڻ جون پاليسون سمجهائي پنهنجي قابليت ڏيکارڻ لاء هنن کي هڪ سونهري موقعو فراهم ڪيو جتي اهي ورڪر اداري جي جوڙيل پاليسن تي عمل ڪري قرض جي مختلف پراڊڪٽ انٽرپرائيز لون ‘ هينڊ ڪرافٽ لون سيلري لون ايگريڪلچر لون هائوسنگ لون سولر سسٽم لون ايجوڪيشن لون ۽ ٻين پراڊڪٽ تحت ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري ماهوار ڇه ماهي سال ۽ ان کان به وڌيڪ عرصي لاء آسان قسطن تي قرض ڏيڻ جون سهولتون مهيا ڪري هن مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاء رکيو ويو جيڪو ڪم اداري جو وقتي طور ڪارائتو ثابت ٿيڻ لڳو ۽ قرض وٺندڙن جي شرع ۾ تيزي ساڻ اضافو ٿيڻ لڳو ٿرديپ مائيڪروفنانس فائونڊيشن جا باروور لکن جي تعداد ۾ بنجي ويا ۽ اداري جي آمدني ۾ به چڱو چوکو اضافو ٿيڻ لڳو اداري جو ڪم ترقي طرف واڌ ويجه ڪرڻ سان جتي اداري کي مالي فائدو مهيا ڪري ڏنو ته اتي وري سماج اندر لکين ماڻهن کي پريشانين ۾ وڪوڙي هنن کي قرض جهڙي لعنت طرف هيراڪ بڻائي هنن کي مجبورين ۽ بيوسين جي رخ چاڙهي ڇڏيو جنهن جو اهم ڪارڻ ٿرديپ مائيڪروفنانس فائونڊيشن جي مقرر عملي ۽ ٿرديپ مائيڪروفنانس فائونڊيشن مان قرض کڻندڙ ماڻهن جو ورتل قرض جو صحيع استعمال ڪرڻ نه هيو جنهن سبب سماج اندر هڪ فتني فساد چادر چوديواري عزت نفس جي پائمالي واري وبا تيزي ساڻ پکڙجڻ شروع ٿي وئي ۽ غربت جي گهاڻي ۾ ڦاٿل مجبور ماڻهن ورتل هڪ قرض جي ادائگي ڪاڻ وري نئون قرض وٺڻ شروع ڪيو ۽ اداري جي مقرر عملي اڳيان تذليل ٿيڻ وارو هڪ تماشو بنجڻ لڳا جيڪو سماجي براين ۾ شامل هڪ غير قانوني عمل ليکجي ٿو جنهن جو باعث هي ادارو بڻيل آهي ڇاڪاڻ ته هن سنڌ جي مجبور هزارين خاندانن کي پنهنجي مالي فائدي ڪاڻ ختم نه ٿيندڙ قرض جي ڪوهيري ۾ وڪوڙي ورتو آهي جتي ننڍن ننڍن قرض عيوض مجبورماڻهن پنهنجي عزت نفس داع تي لڳائي هر مهيني پنهنجي تذليل ٿيندي ڏسڻ لڳا آهن اڄڪله جتي غريب ماروئڙا هن قهر جهڙي وڌندڙ مهانگائي واري دور ۾ ٻن ويلن ڪاڻ پريشاني ۾ گهيريل آهن ۽ پنهنجي معصوم ٻڄن جي خواهشن لٽي ڪپڙي ۽ جائز بنيادي ضرورتن واري گهرج جو پورائو ڪرڻ ڪاڻ قاصر بڻيل آهن ته اتي وري ٿرديپ مائيڪرو فنانس فائونڊيشن پاران مجبوري ۾ کنيل قرض واري زنجير هنن کي ڊپريشن دل بلڊ پريشر احساس ڪمتري واري مرضن ۾ وڪوڙي ورتو آهي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هي فائونڊيشن عوام جي بهتري ڪاڻ ڪارائتي ثابت ناهي ٿي سگهي ٿرديپ مائيڪرو فنانس پاڻ کي مضبوط ڪرڻ خاطر ڪاميابين جي ڏاڪي تي چڙهڻ خاطر ڪيترن ئي عزتدار خاندانن جي عزتن کي لتاڙي مجبور ماروئڙن جي معصوم ٻچڙن جي معصوم خواهشن کي لتاڙي شريف خاندانن جي پيٽ تي لت ڏئي چڙهڻ شروع ڪيو آهي جيڪو سماجي حوالي سان هڪ هاڃيڪار ۽ انسان دشمن قدم چئي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته هن فائونڊيشن ۾ ڀرتي ڪيل بغير تربيت يافتا ۽ بداخلاق عملي جو رويو ۽ اخلاق جون حدون پار ڪري غير مهذب ٻولي جو واهپو ۽ اداري جي جاري ٿيل پاليسن جي ابتڙ ناني ويڙهي ۽ سفارش غنڊا ڪلچر ۽ ڪرپٽ سسٽم تحت عمل ڪرڻ اهم سبب آهي جنهن سبب اداري جي مقصد ۽ اداري جي ساک کي تمام وڏو ڇيهو رسڻ لڳو آهي عوام لاء هي ادارو عوامي سهولت ميسر ڪرڻ لاء نه بلڪه پنهنجي مفاد هيٺ ڪم ڪندڙ هڪ منافعا خور ادارو مقبول بنجڻ لڳو آهي ٿرديپ مائيڪروفنانس فائونڊيشن جي ساک کي نقصان رسائڻ ۾ ڀرٿي ٿيل لون آفيسرن برانچ مئنيجرن ايريا مئنيجرن بداخلاقي جون ۽ جهالت پڻي سان گڏ ياري باشي واري پيداوار وسان نه گهٽايو آهي ته اتي وري اداري جي مٿين ذميوار لاڳاپيل انتظاميان جو به ڪافي ڪردار ملوث ۽ ٻٽ بڻيل واضع طور تي نظر اچي پيو ڇاڪاڻ ته انهن به بيروگار نوجوانن کي پنهنجي اداري ۾ ملازمت جا موقعا فراهم ته ڪيا پر ليبر ايڪٽ تحت قانون تي عمل نه ڪيو پنهنجن ٻچن جو پيٽ پاليندڙ روزگار ڪندڙ اداري جي ملازمن کي اداري جون پاليسون ڊيوٽي ٽائيم نو بجه کان شام پنج بجه تائين هفتي ۾ هڪ موڪل ۽ اهليت جي بنيادن تي پگهار وارو پيڪيج فيلڊ ورڪ لاء فيول ٽي ڪلائيم موبائيل ڪميونيڪيشن بونس وغيره مراعتن ۾ واضع طور بيان ڪيون وينديون آهن پر ان جي برعڪس لاڳاپيل مئنجمينٽ پنهنجي ورڪرن کان صبح نو بجه کان وٺي شام پنج بجه تائين نه بلڪه رات ڏه يارنهن بجه تائين ڊيوٽي وٺن پيا لون آفيسرن جي پگهار پنجويه کان ٽيه هزار روپيه ڏئي هنن کي مشين جيان ڪم وٺن پيا اهي لون آفيسر ويچارا پنج سو روپيه هرروز جي بنياد تي فيلڊ ورڪ تي خرچ ڪن مثلن موٽر سائيڪل جو تيل موٽر سائيڪل جي مرمت موبيل وغيره تي خرچ ڪن ته پندرنهن هزار روپيه ماهوار اهي بنجي وڃن ٿا ٽيبليٽ تي فارم ڀرڻ ڪاڻ هزار پندرنهن سون تائين انٽر نيٽ جو پيڪيج تي ماهوار خر ڪن ۽ ڪپڙا بوٽ مهمانن جي چانه پاڻي تي ٻيو خرچ تقريبن ٽيهن هزارن مان پنجويه هزار روپين تائين اداري ۾ ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏيڻ ۾ خرچ ٿيو وڃين باقي ويچارن لون آفيسرن کي ٽي کان چار هزار روپيه بچن پيا جن تي هن ٿرديپ مائيڪروفنانس ۾ ڪم ڪندڙ اسٽاف پنهنجون توانائيون خرچ ڪري بغير ڪنهن موڪل جي صبح نو بجه کان وٺي رات جو ڏه يارنهن بجه تائين ڊيوٽي ڪري رهيا آهن جيڪا سراسر ناانصافي ۽ ليبر ايڪٽ تحت جوڙيل قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر ان ڀڃڪڙي ۽ ورڪرن جو ڪڏهن به ان اداري ۾ نوٽيس وٺي ڪو انصاف نه ڪيو ويو آهي مائيڪرو فنانس جو اصول اهو هوندو آهي ته اگر قرض وٺندڙ مقرر ٿيل تاريخ تي قسط نٿو جمع ڪرائي سگهي ته ان تي پينلٽي يعني ڏنڊ مقرر ڪري ٻئي ڏينهن تي قسط جمع ڪرائڻ جو پابند بڻايو وڃي نڪي هن جي در تي لون آفيسر کي ڊوڙائي رات جو ڏه يارنهن بجه تائين پريشان بڻايو وڃي هي ڪٿان جو اصول ڪٿان جو قانون آهي جيڪو طريقو اڄ ڪله هي ٿرديپ مائيڪروفنانس اپنائي ڇڏيو آهي ان سبب اهڙي جاهلاڻا ۽ بدمعاشي واري عمل ۽ ڪرت سماج اندر بدنظمي بداخلاقي عزت نفس جي پائمالي جي وبا کي پکيڙي ورتو آهي جتي مقرر عملي سان اڻ وڻندڙ واقعا پسڻ وٽان ملي رهيا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي وري قرض وٺندڙ مجبور خاندانن سان بليڪ ميلنگ ۽ بداخلاقي ۽چادر چوديواري جي تقدس جي پائمالي جا آثار ملن پيا جن جو ذميوار هي ادارو ٿرديپ مائيڪرو فنانس فائونڊيشن جو ليبر ايڪٽ تحت ٺهيل قانون جي سرعام ڀڃڪڙي ۽ ان تي عمل نه ڪرڻ اهم ۽ مکيه سبب آهي ان جي ڪري هي ادارو عوام جي لاء ڪارائتو ٿيڻ بجاء هاڃيڪار ٿيڻ لڳو آهي ۽ ڪينسر جيان معاشري اندر وگهري مجبور بڻيل ماڻهن لاء ناسور بنجڻ لڳو آهي ضرورت هن ڳاله جي آهي ته هن قائم ٿيل ٿرديپ مائيڪروفنانس اداري جي پاليسن تي عمل ڪندي هن اداري جي ساک بچائڻ ڪاڻ سڀ کان پهريان ليبر ايڪٽ قانون تي عمل ڪري اداري جي ملازمن کي پورا حقوق ڏنا وڃن ۽ اداري جي ساک رهڻ خاطر تربيت يافته پڙهيل لکيل مهذب ٻولي اختيار ڪندڙ خوش اخلاف ورڪر رکيا وڃن جيڪي اداري جي مقرر ٿيل پاليسن جو پرچار هر ماڻهون کي بهتر نموني واضع طريقي سان سمجهائي سگهن ۽ خوش اخلاقي جو مظاهرو ڪري قرض جون سهولتون حاصل ڪندڙ ماڻهن کي لاڀ ڏيڻ خاطر ڪاروباري دڳ اختيار ڪري سگهن ته جئين مجبور ۽ بيوس غريب ماروئڙن کي ڪو رليف ميسر ٿي سگهي ۽ انهن جي عزت نفس مجروع نه بڻجي سگهي ۽ قرضدار هن اداري مان قرض جون اهولتون حاصل ڪري پنهنجون گهربل ضرورتون پورريون ڪري پنهنجا ڪاروبار وڌائي سگهن ٻئي صورت ۾ ان قرض جي سهولتن کي اتي ختم ڪري اداري کي هميشه جي لاء بليڪ لسٽ ڪيو وڃي ته جئين هي سماج اندر بگاڙ پيدا ڪندڙ ناسور خطرناڪ وبا جي صورت اختيار ڪرڻ کان رڪجي سگهي