سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال ۽ زرخيز آهي اگر جڪڏهن سنڌ انڌر حڪومت جي نا اهلي جي باري مخصوص لفظ لکجن ته منهنجي خيال ۾ روح ڪانڊرائجي ويندو گهڻن ڏينهن کان وٺي سوچيان پيو ته سنڌ اندر باهه واقعن بابت ڪجهه لکان پر ماٺ ڪري ويهڻ به ڪو نه پيو اچي سوچان پيو ڪٿي گستاخي نه ٿي پئي۔ سنڌ اندر گرمي جي لکن سبب تيزموسم ۾ شھرن سميت ٻھراڙي جي علائقن اندر ڪيترائي گهريلو چڻنگون اٿڻ سان ڪيترائي گهر تباهي جو شڪار ٿي ويا تازو ضلع دادو ۾ آتشبازي سبب 9 انساني جانين سان گڏ ڪيتروئي چوپايو مال سندن نياڻين جو اڳواٽ رکيل ڏاج ڏاوڻ ۽ سميت ٻيو ڪڻڪ ساريالي فصل ٻجهه پڻ سڙي رک ٿي ويويا ٻئي پاسي تعلقو تنگواڻي ۾ ھڪ ئي پورهيت جا 3 گهرسڙي رک ٿي ويا ۽ تعلقو ٺل شھر ۾به ساڳيوئي باھه جي صورت حالت هجڻ ڪري غريب پورهيتن جو اناج سميت گهريلو سامان سڻڻ جو انديشو ٿيو پر ضلع دادو شھر جو انتظاميه ۽ تعلقو تنگواڻي تعلقو ۽ ٺل جي اتظاميه سميت وزير اعلي سنڌ جي طرفان هن محل تائين باھه سٽيلن جي واهر نه ڪئي وئي آھي جڏهن ته انهن مسڪين اٻوجهه ماروئڙن جا ٻار کليل آسمان هيٺ بنا ڪپڙا پهريل سرڪار جي اميدن تي ويٺل آھن ته ڪوئي انساني فرشتو ايندو سندن اسان جي مدد ڪندو سنڌ اندر قدرتي وسيلا ته انهن پر انهن وسلن منهجه ڪنهن به مسڪين غريبن کي ڪوئي به فائدو نه پهچيو سگهيو آھي ايتريون ترقيون هجڻ باوجود فائر برگيڊ باهه جو عملو هميشه جيئان سست ڪاروائي ڪرڻ جي ڪري دير سان پهچڻ انهن مسڪينن جو ايترو نقصان ٿي ويو جيتوڻيڪ باهه عملو فائر برگيڊ دير سان پهچڻ ڪري مسڪين غريبن ۽اٻوجهه ماروئڙن پنهنجي مدد پاڻ باھ وسائڻ لاء حد کان وڌيڪ ۽ ننهن جي چوٽي جو زور لڳايو پر باهه ته باهه آھي انهي باهه تي ڪنٽرول نه اچي سگهيو انهي گهڙين هر پاسي گهرن باهه لڳڻ سبب باهه وڪوڙي وئي ۽ هر پاسي رک ئي رک ٿي ويو آخر ڪار هر شئي سڙي رک ٿي ايتري قدر هر باهه جي آس پاس وارن علائقن ۾ هر اک آلي ٿي وئي اها حقيقت آھي اگر جيڪڏهن سرڪار جي باھه واريون پراڻيون مشينريون پنهنجي وقت سان پهچي وڃن ها ته شايد نقصان اٽي ۾ لوڻ برابر ٿئي ها جنهن سبب مسڪين اٻوجهن جو شايد ڪجهه بچي وڃي ها۔ فائر برگيڊ باهه وسامڻ عملي پاران انساني جانين ۽ جانور جي پچائڻ خاطر اهي گاڏيون استمال ڪري انهن جي مدد ڪئي وڃي پر اهڙي ڪابه حڪمت عملي سامهون نه اچي سگهي جنهن ڪري انهن جو اڳواٽ گڏ ٿيل سامان سڙي ويو