گھوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي) خانپورمهر ويجهو بوذدار ڌر جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان نوجوان قتل،گهوٽڪي ضلعي ۾صحت جو سهولتون اڻپورو. وارث نوجوان جي لاش شيخ همدان بن محمد اسپتال آندو ويو، شيخ همدان بن محمد اسپتال ۾ ايڪسري مشين توڙي ٽيڪنيشن جي سهولت نه هجڻ ڪري وارث مقتول جو گهوٽڪي اسپتال کڻائي ويا، گهوٽڪي ۾ به ايڪسري جي سهولت نه هجڻ ڪري لاش ميرپور ماٿيلو اسپتال نيو ويو، وارث سڄو ڏينهن نوجوان جي لاش کي اسپتالن ۾ روليندا رهيا، واقعي جي اين سي رپورٽ داخل ،گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي،ٻن ڌرين وچ هڪ مهيني کان ڇڪتاڻ هلندڙ. فائرنگ روز معمول. تڪرار سبب اڳ هڪ قتل ٿي چڪو ۽ ٻه زخمي به ٿيا. پوليس ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو. خبرموجب خانپورمهر ويجهو پير بري واري علائقي ۾
بوذدار ڌر جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو. هلندڙ تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان نزاڪت علي بوزدار پٽ جيئل بوزدار مارجي ويو، گهوٽڪي ضلعي ۾ صحت جون سهولتون اڻ پورو هجن ڪري مقتول نوجوان جا وارثن لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شيخ همدان بن محمد اسپتال آندو ويو،پر شيخ همدان بن محمد اسپتال ۾ ايڪسري مشين توڙي ٽيڪنيشن نه هجڻ ڪري وارث لاش گهوٽڪي اسپتال کڻائي آيا جتي پڻ ايڪسري توڙي ٽيڪنيشن جي نه هجڻ ڪري لاش ميرپورماٿيلو اسپتال نيو ويو، سڄو ڏينهن وارث لاش کڻي روليندا رهيا. مقتول جي والد جيئل بوذدار ٻڌايو ته لاش سڄو ڏينهن روليندا رهيا پر گولين جو معائنو ڪرڻ ايڪسري جي سهولت کين ڪٿي به نه ملي سگهي، هوڏانهن اطلاع تي خانپورمهر پوليس شيخ همدان بن محمد تعلقي اسپتال پهچي واقعي جا تفصيل ورتا، اسپتال ۾ موجود نوجوان جي والد جيئل بوزدار ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ گهر ۾ ستل هو ۽ کيس روزو به هيس، جوابدار فدا بوزدار، اختر ،معشوق،رزاق، الياس ۽ ٻين گوليون هڻي منهنجي پٽ کي قتل ڪيو آهي، والد جيئل بوزدار وڌيڪ ٻڌايو ته فائرنگ جو آواز ٻڌڻ باوجود مير موڙ چوڪي جي پوليس نہ آئي، اسان سان ناحق آهي،جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، پوليس موجب، واقعي جي اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي، بچل بوزدار ۽ فدا بوزدار واري ڌر وچ ڪافي وقت کان پيسن جي ڏيتي ليتي واري معاملي تان ڇڪتان هلندڙ هئي، جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.واضع رهي آهي ڌرين ۾ سال پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان هڪ نوجوان ضمير بوزدار قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ اڃان تائين برقرار آهي. هوڏانهن ٻن ڌرين وچ هڪ مهيني کان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي فائرنگ جو سلسلو معمول بڻيل هو پر حد پوليس چوڪي ميرموڙ هجڻ جي باوجود پوليس ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو نه فائرنگ روڪرائي.