ڪراچي: (جمعو 22 اپريل 2022ع) سنڌ اسيمبلي ميمبر شرجيل ميمڻ سنڌ ڪابينا جو حصو بڻجي ويو. شرجيل ميمڻ صوبائي وزير جي حيثيت سان حلف کنيو. کانئس وقتي گورنر آغا سراج دراني حلف ورتو.
سنڌ جي وڏي وزير شرجيل ميمڻ کي صوبائي وزير جو حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏني. ذريعن موجب شرجيل ميمڻ کي اطلاعات جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويندو.
ياد رهي ته شرجيل ميمڻ کي گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. جڏهن ته صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس شاهه کي ڪابينه مان فارغ ڪيو ويو.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1