سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل طرفان ساس پنوعاقل جي سينئر ميمبر ۽ تعليمدان اعظم ڀٽو مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ۽ حملي آورن جي گرفتاري لاءِ سنڌي ادبي سنگت ضلعي سکر جي رابطا سيڪريٽري بيخود بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ طاھر جسڪاڻي ، ناصر چاچڙ ، فضل انڍڙ ، امداد جسڪاڻي امر ساحل ، ربنواز کوسو ، باغي بلوچ ۽ ٻين پنوعاقل پريس ڪلب آڏو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ، اڳواڻن چيو تہ اعظم ڀٽو مٿان ٿيل قاتلاڻو حملو سموري شعور تي حملو تصور ڪريون ٿا اديبن ۽ شاعرن ايس ايس پي سکر کان گھر ڪئي تہ اعظم ڀٽي تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري کين قانون جي دائري ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1