اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو آهي
خط ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد تي ووٽنگ دوران پارٽي جو ڪو به ميمبر اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري. خط جي متن موجب اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو
وزيراعظم طرفان سمورن ميمبرن کي انفرادي طور خط موڪليو ويو آهي.ياد رهي ته مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي ان تي ووٽنگ 31 مارچ يا ان کانپوءِ ڪنهن به ڏينهن ٿيندي.پي ٽي آءِ جي 14 ايم اين ايز منحرف ٿي بي اعتمادي رٿ جي حمايت