خيرپور انگريز سامراج سان مھاڏو آٽڪائي وطن يا ڪفن جو نعرو بلند ڪندڙ سورھيه بادشاهه جي ورسي تقريب فنڪشنل مسلم ليگ ھائوس خيرپور م ڪوٺائي وئي تقريب کي خطاب ڪندي پير سيد اسماعيل شاهه راشدي، ايم پي اي نصرت سحر عباسي، ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، سيد عقيل حيدر شاهه، سيد محرم شاهه، ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو، سيد مرتضي شاهه راشدي ۽ ٻين چيو ته سورھيه بادشاهه پنهنجي وطن کي انگريز سامراج کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جنگ جوٽي انهن کي اھڙو ته سبق سيکاريو جو ھو برطانيا واپس وڃڻ تي مجبور ٿي ويا سورھيه بادشاهه ھزارين حرن سان گڏ ھن ڌرتي تان قرباني ڏئي ھن وطن کي آزاد ڪرايو اڳواڻن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اھڙي عظيم انقلابي اڳواڻ سورھيه بادشاهه جو سنڌ جي نصاب ڪوبه ذڪر نه آهي دنيا ۾ اڃين ٿيندو آهي ته جيڪو تاريخ جو حصو ھوندو آھي ان جو ذڪر نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو جنهن نوجوان نسل کي خبر پوي ته ھن وطن کي آزاديءَ ڏيارڻ لاءِ ڪنهن ڪنهن قرباني ڏني آهي ۽ انهن تاريخ ۾ ڪھڙو ڪردار آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت تباهي مچائي ڇڏي ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن اسپتال ۾ ايمبولينس نه آهي سنڌ جي اسڪولن کي تالا لڳل آهن زرداري گروپ سنڌ جي عوام جي پئسن تي لانگ مارچ ڪري چون پيا ته اسان وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي پر افسوس سنڌ جا ماڻهو بيروزگاري ڀک بدحالي سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن پر پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي ڪابه پرواهه نه آهي صرف انهن کي اقتدار جي ڀک آهي وقت پري نه آهي انهن چورن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن مان سنڌ جي عوام جي جان آجي ٿيندي ۽ عوامي حڪومت قائم ٿيندي تقريب کي سيد سرڪار علي شاهه، ايڊووڪيٽ ارشاد ڌاريجو، ۽ ٻين خطاب ڪيو