لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ مريد سولنگي ) ضلعي لاڙڪاڻي جي خانگي تعليمي اداري مجدد پبلڪ هاءِ اسڪول طرفان والدين جي ڏهاڙي ملهايو ويو، جڏهن ته تقريب ۾ اسڪولي شاگردن توڙي شاگردياڻين پاران مختلف ٽيبلوز پيش ڪري داد وصول ڪيو. تفصيل موجب تعلقي ڏوڪري جي خانگي تعليمي اداري مجدد پبلڪ هاءِ اسڪول جي انتظاميا پاران والدين جي ڏهاڙي جي حوالي سان نجي شادي حال ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن تقريب ۾ مهمان خاص تعليم کاتي جو آفيسر اختر حسين ڪوريجو، مجدد پبلڪ اسڪول ڊائريڪٽر احمد علي سومرو، پرنسپال ضمير احمد جوڻيجو، تعليم کاتي جا آفيسر نظير احمد سانگهرو، امجد علي منگي، مختيار علي شيخ، عرفان علي ميمڻ، عبدالجبار ميمڻ، محمد رمضان جوڻيجو، اطهر ميمڻ سميت سياسي، سماجي، استاد، والدين ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ورکا جوڻيجو، ارشد لاشاري، پارس گاڏهي ۽ ٻين ٽيبلوز پيش ڪيا. ان موقعي تي مهمان خاص تعليم کاتي لاڙڪاڻو جي آفيسر اختر حسين ڪوريجو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڏوڪري جي ننڍڙي شهر ۾ مجدد پبلڪ هاءِ اسڪول جي شاگردياڻين توڙي شاگردن جو ٽيلنيٽ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته مجدد پبلڪ هاءِ اسڪول ٻارڙن کي بهترين تعليم ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پرفارمنس تعريف لائق آهي. هوڏانهن ڊائريڪٽر احمد علي سومرو خطاب ڪندي چيو ته ڪوشش اها آهي ته ٻارڙن کي بهتر کان بهتر تعليم ڏيون. هن چيو ته والدين کي گهرجي ته ٻارڙن جي ڪارڪردگي بابت مجدد پبلڪ هاءِ اسڪول انتظاميا کان معلومات وٺن، جڏهن ته والدين جي اهڙي عمل سان ٻار جي ڪارڪردگي بابت معلومات حاصل ٿيندي ۽ ٻار وڌيڪ محنت ڪندو، ڪتاب سان پيار ڪيو، قرآن شريف شاھ ڀٽائي جو فلسفو کڻي علم جو واڌارو ڪيو موبائيل کان پري رهو هٿن ۾ موبائيل نه پر ڪتاب هجي، مجدد پبلڪ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ شايان شان نموني منزلون طئي ڪندو وڃي ٿو. هن چيو ته هي اسڪول ميٽرڪ ليول تائين پهچي ويو آهي، اڃا اسڪول انتظاميا کي گهرجي ته بهتر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي ٻوساٽيل ماحول ۾ اهڙا پروگرام اوهان جا ٻار ئي نئون سج آهي سڀاڻي جا هي ٻار مستقبل جا معمار آهن. ان موقعي تي تنوير حسين ميمڻ، پيار علي لاشاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.